ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جا نامزدگي فارم تضادن ۽ جعلي ريڪارڊ سان ڀريل هجڻ باوجود منظور ڪيا ويا. ماضي ۾ اھڙن ڪيسن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتون ڪيترن ئي سياستدانن کي نااهل قرار ڏئي چڪيون آهن، بدقسمتي سان عمران خان لاءِ خاص ورتاءُ جي سهولت اڃا به موجود آهي. هن چيو ته ڇا عمران خان اڄ به قانون کان مٿانهون آهي؟ ڇا عمران خان اڄ به  لاڏلو بڻيل آهي؟ هڪ ئي ملڪ ۾ ٻه قانون ڇو آهن ؟ هوڏانهن سي پي اين اي جي سيڪريٽري جنرل عامر محمود، ڊاڪٽر عبدالجبار خٽڪ، مقصود يوسفي، سعيد خاور، غلام نبي چانڊيو ۽ بشير ميمڻ  تي ٻڌل وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته ميڊيا هائوسز کي اشتهارن جي مد ۾ 80 سيڪڙو ادائگيون ڪري ڇڏيون آهن، اخبارن کي نان بجيٽڊ ادائگين کي پڻ يقيني بڻائينداسين، هن چيو ته اطلاعات کاتي جو قلمدان سنڀاليندي ئي اشتهارن جي نئين پاليسي تيار ڪرڻ جا حڪم ڏنا هئا، اسان اشتهارن جي پاليسي 2022ع منظور ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڊجيٽل ميڊيا کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، اڄ خميس تي اخبارن ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي رجسٽريشن لاءِ اشتهار شايع ٿي ويندو، ھن چيو ته پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊيا لاءِ اشتهارن جي بجيٽ مختص ڪري رهيا آهيون.