بيجنگ (م ڊ) چين عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته دنيا طالبان سان ڳالهيون شروع ڪري ته جيئن افغانستان جي نئين حڪومت کي اعتماد ملي سگهي، عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب گڏيل قومن ۾ چين جي نمائندي افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت جي قيام جي هڪ سالگرهه جي موقعي تي مطالبو ڪيو آهي ته عالمي برادري نئين افغان انتظاميا کي اعتماد ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ لاءِ لاڳاپا بحال ڪري.  گڏيل قومن لاءِ چين جي نمائندي زانگ جون وڌيڪ چيو ته افغانستان جي اڳوڻي قيادت کي به پنهنجي تجربن مان ملڪ کي فائدو پهچائڻ گهرجي، حڪومت جي خاتمي سان سندن ذميواريون ختم نه ٿيون ٿين. چيني نمائندي آمريڪا تي تنقيد ڪندي چيو ته منجمد ڪيل افغان فنڊ فوري طور تي مرڪزي بينڪ حوالي ڪيا وڃن، ڪنهن به ملڪ وٽ افغانستان جا اثاثا منجمد ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي. ياد رهي ته چين گذريل سال آگسٽ ۾ قائم ٿيل طالبان حڪومت کي اڃا تائين تسليم نه ڪيو آهي پر چين انهن سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪري ڇڏيا آهن.