حادثا بڻيل زندگي ۽ اختيار ڌڻين جي بي حسي

0
136
موٽروي ڪرپشن ڪيس ۽ ڪمپني سرڪار جون ترجيحات

 اڳي جڏهن زماني ايتري نام نهاد  ترقي نه ڪئي هئي تڏهن اسان جو سنڌي سماج غريب ضرور هوندو هو پر ان جا احساس مئل نه هوندا هئا پر هاڻي جيئن جيئن ڊجيٽل دور ۾ داخل ٿيندا پيا وڃون تيئن تيئن ننڍي وڏي هر سطح تي انسانيت جو احساس ختم ٿيندو پيو وڃي. جيڪو ماڻهو هن مرده سماج ۾ جيترو پئسي وارو يا اختيارن وارو آهي ان جا ان سطح تي احساس مئل آهن جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته نوري آباد حادثي بعد سنڌ جو ٽرانسپورٽ وارو وزير استعيفا کڻي نه ڏئي ها تڏهن به ان بس سروس خلاف قدم ضرور کڻي ها ۽ سنڌ جا تمام گهڻا وزير مشير چونڊيل نمائندا وڃي انهن بدنصيب مسافرن جي جنازي نماز ۾ ضرور شريڪ ٿين ها جن کي ڀٽائي سرڪار جي سٽن جيان “نه ماريا ڪنهن جنگ ۾ نه ڪنهن سور ٻري”.پر اسان  هاڻي مئل احساسن وارا ماڻهو انهن حادثن جا به ايترا عادي ٿي ويا آهيون جو لڱ ڪانڊاريندڙ حادثن تي به صرف تعزيتي بيان جاري ڪري سمجهون ٿا ته اسان پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو آهي. خدانخواسته اهو حادثو ڪنهن سڌريل ملڪ ۾ ٿئي ها ته توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته اتان جو وزير مشير يا سيڪريٽري جيڪو به ٽرانسپورٽ جو انچارج هجي ها سو فورن پنهنجي وزيراعليٰ يا گورنر يا ڪمپني سي اي او کي پهرين فرصت ۾ پنهنجي استعيفا اخلاقي فرض سمجهي موڪلي ها ان بعد بقايا ڪارروايون شروع ٿين ها. پر بدقسمتي سان پاڻ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي پٽيوالو يا ڪلارڪ به پنهنجي ذميواري سمجهي پنهنجي سيٽ ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي ته هي ته وري وزير مشير تائين ڳالهه پهتل آهي.

ان حادثي سبب اسان جي آسپاس ٿيندڙ ٻيا حادثا به سامهون نڪري پيا آهن. وڏي ۾ وڏو الميو ته اهو آهي ته اهي سمورا مسافر خيرپورناٿن شاهه جا اهي ٻوڏ متاثر هئا جيڪي ٻن مهينن جي جلاوطني ڪٽي واپس پنهنجي اباڻن گهرن طرف اچي رهيا هئا. رستي ويندي ساڻن حادثي هر اک آلي ڪري ڇڏي. ان بس مان وڌ ۾ وڌ لاش معصوم ٻارڙين ۽ عورتن جا نڪتا آهن جيڪي بظاهر مردن جيان بس جي درين وارا شيشا ڀڃي ٻاهر نڪري نه سگهيون هيون. ان بس کي سڙندو ڏسي هر ڪنهن ايندڙ ويندڙ وڊيو ضرور ٺاهي پر تمام ٿورن ماڻهن ايمرجنسي سروس يعني ايڌي جي نمبرن  تي فون ڪري اطلاع ڏنو. اسان جهڙي پٺتي پيل ملڪ ۾ ايمرجنسي جي معنيٰ ايڌي وارن کي ڪال ڪرڻ ئي هوندو آهي نه ته ان ئي روڊ تان ڪروڙين روپين جو روزانو ٽول  ٽيڪس اوڳاڙيندڙ ڪمپني جي اخلاقي قانوني ذميواري آهي ته ان جي پنهنجي ايمرجنسي سروس هجڻ گهرجي جيڪا فوري ريسپانس ڏئي. گاڏين کي باهه لڳڻ جي صورت ۾ ان باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ جي خصوصي تربيت وارو عملو مقرر ٿيل هجي. ايمبولينس سروس کان ويندي فرسٽ ايڊ ڏيڻ تائين بهترين اسپتال هجڻ گهرجي نه ته ان ڪمپني کي ان روڊ تان ٽول ٽيڪس اوڳاڙڻ جو حق نه هجڻ گهرجي. پر جيئن ته اسان هڪ مئل سماج ۾ ساهه کڻون ٿا جتي روزانو حادثن پويان حادثا معمول بڻجي ويا آهن ۽ جيڪي شيون معمول ۾ شامل ٿي وينديون آهن انهن مٿان غور ڪرڻ يا انهن کي تبديل ڪرڻ جيتري محنت ڪرڻ مئل سماجن جو ڪم ناهي هوندو. ڪنهن زماني ۾ آفريڪي قبيلن وچ ۾ هڪٻئي جا نسل ختم ڪرڻ جو مقابلو هلندو هو ۽ هو ان کي جائز سمجهي اها رسم سمجهي هلائيندا ايندا هئا ان ۾ جيڪي انساني جانيون ضايع ٿينديون هيون سي انهن جي اڳواڻن لاءِ انساني لاش نه پر صرف انگ هوندا هئا ته فلاڻي قبيلي هيترا ماڻهو قتل ڪيا فلاڻو قبيلو نه ڪري سگهيو. ايئن ئي اسان جي مئل سماج ۾ حڪمرانن کي هاڻي صرف انگ ۾ دلچسپي وڃي رهي آهي ته بدين واري روڊ سان حادثي ۾ چار ماڻهو قتل ٿيا ۽ نوري آباد لڳ حادثي ۾ سترنهن ارڙنهن مسافر قتل ٿي ويا. انهن جا لاش ايڌي وارن کنيا. ڳوٺ موڪلي دفنائي به ڇڏيائون پر مئل احساسن جي حد ته ڏسو ته سنڌ سرڪار جو ڪو وزير مشير به سندن آخري رسمن ۾ شريڪ نه ٿيو نه ئي ڪو تڪ جو ايم پي اي، ايم اين اي شريڪ ٿيو ته پوءِ ضلعي جو ڊي سي يا ايس پي آخر ڇو شريڪ ٿين. اوڙي پاڙي وارن کي به ايتروئي احساس ٿيو ته انهن وڃي دعا گهري ۽ ڪانڌپي جو ڀت کائي اوگرايون ڏيندا ٻاهر نڪتا پر ڪنهن به ماڻهو ڪنهن به سطح تان اهو آواز نه اٿاريو ته بابا ان ڪمپني واري بس جي سروس بند ڪري مالڪ کي گرفتار ڪري مٿس قتل جا ڪيس هلايو. ان حادثي جا سبب ڳولڻ لاءِ ججن جي هڪ ڪميشن ويهاريو جيڪا ان حادثي جا سبب ڳولي ۽ آئينده اهڙن حادثن کان بچڻ جا طريقا اصول ٻڌائي. اهو ڪير به سمجهڻ يا ٻڌڻ ئي نٿو چاهي ته اهڙا حادثا ڀلا پرڏيهي سڌريل ملڪن يا دبئي سعودي عرب ۾ ايتري رواني سان ڇو نٿا ٿين. ان جو سبب توهان کي دبئي سعودي ۾ ويٺل اسان جا سنڌي ڀائر به آساني سان ٻڌائيندا ته انهن ملڪن ۾ ڊرائيونگ لائسنس ايترو سستو ناهي ملندو جيترو پاڻ وٽ ملي ٿو وڃي. پر ڊرائيونگ لائسنس ملڻ بعد ايئن نه سمجهڻ گهرجي ته انهن کي مسافر يا روڊن تي هلندڙ ٻين گاڏين وارا ماڻهو مارڻ جو ڪو لائسنس ملي ويو آهي. انهن ملڪن ۾ هر سال گاڏين جي فٽنيس جا سرٽيفڪيٽ جاري ٿيندا آهن ته ڪهڙي گاڏي ڪهڙي ڪنڊيشن ۾ آهي اها روڊن تي هلڻ جهڙي آهي يا نه. انهن ملڪن مختلف روڊن تي حد رفتار مقرر ڪئي آهي جيڪو به ڊرائيور اها ڪراس ڪندو ان مٿان ان مهل ئي ڏنڊ پئجي ويندو پر اهو صرف ڏنڊ پئجي نه ويندو ان ڊرائيونگ ڪندڙ شخص جي بئنڪ اڪائونٽ مان ان مهل ئي اهي پئسا ڪٽجي ويندا جنهن جو ميسيج کيس ڊرائيونگ دوران ئي ملي ويندو ته سندس رفتار پاڻهي پاڻ گهٽجي ويندي. انهن ملڪن جي روڊن تي غلط اوور ٽيڪنگ کان ويندي غلط پارڪنگ تي پڻ ڳرا ڳرا پئسن جا ڏنڊ مقرر ٿيل آهن ته پوءِ انهن ملڪن ۾ حادثا ايترا ڇو ٿين جيترا اسان وٽ معمول بڻيل آهن.

نوري آباد واري تمام وڏي سانحي بعد سنڌ سرڪار کي جاڳڻ گهرجي ۽ پنهنجي ٽرانسپورٽ کاتي کي به متحرڪ ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي روڊن تي هلندڙ مسافر پنهنجو پاڻ کي ننڌڻڪو محسوس نه ڪن ۽نه ئي پنهنجو پاڻ کي بيرحم ٽرانسپورٽ مافيا جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل سمجهن ته جتي چاهين جڏهن چاهين اهي مسافرن کي منزل تي پهچائڻ بدران کين ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندا.ڇو ته نوري آباد حادثي بعد ماڻهن کي اي سي ڪوچن مان جيئري ساڙيل مسافرن جي سڙيل گوشت جي بوءِ اچي رهي آهي پر انهن کي سنڌ سرڪار ڪو به متبادل نه ڏنو آهي تنهن ڪري هو وري به انهن بدبخت گاڏين ۾ سوين وسوسا کڻي سوار ٿين ٿا. خدارا مسافرن جي جانين کي به قيمتي سمجهو ۽ سندن حفاظت لاءِ هاڻي کان ئي اپاءَ وٺڻ شروع ڪيو.