ڪاليج ايجوڪيشن ڊيپارٽمينٽ، پروفيسر، بايو ميٽرڪ ۽ مرڪزي داخلا پاليسي

0
128
ڪاليج ايجوڪيشن ڊيپارٽمينٽ، پروفيسر، بايو ميٽرڪ ۽ مرڪزي داخلا پاليسي

سنڌ جو تعليم وارو شعبو، جنرل ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين توڙي سڀني پرائيويٽ تعليمي ادارن کي ڇڏي  به صوبي جي ڪل بجيٽ جو 25 سيڪڙو يعني 326  ارب 80 ڪروڙ  خرچي ويندڙ تعليم کاتو بيشمار مسئلن جو شڪار رهندو آيو آھي. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مناسب عمارتن ۽ ضروري سهولتن جي کوٽ سان گڏ انتظامي ڪمزوريون به پنهنجو اڻوندڙ اثر هميشه ڇڏينديون رهيون آھن. استادن، ڪلارڪن ۽ ٻئي ماتحت عملي کي ملائڻ سان کاتي جي ملازمن جي تمام گهڻي تعداد سبب به هي کاتو صوبي جو سڀني کان وڏو ڊپارٽمينٽ آھي ان ڪري جيترا اٺ تيڏا لوڏا وارو معاملو ضرور آھي پر ڪجھه انتظامي اوڻايون سياسي مصلحت، پنهنجا نوازي ۽ تنظيمن جي وڌندڙ اثر رسوخ سبب به پيدا ٿيون آھن. اسڪول کاتي جا مسئلا ته بي ڊولائپ، منجهائيندڙ ڪيڊر سسٽم ۽ ٽائيم اسڪيل سبب ننڍن عهدن وارن استادن کي 20 -20 گريڊ ڏيڻ ڪري به پيدا ٿيا آھن، جنهن سبب 17 گريڊ جي سربراھه جو ماتحت ٽائيم اسڪيل وارو 20 گريڊ جو به ٿي سگهي ٿو. هڪ وقت ۾ جڏهن عام خيال هو ته جنهن کي ڪا به نوڪري نٿي ملي اهو ماستر ٿئي ٿو. ننڍن گريڊن ۽ گهٽ پگهار سبب “ ويچاري ماستر” جو تاثر پڻ پکڙيل هو. هن وقت اها صورتحال بنھه به ناهي. اڄ جو پرائمري استاد يا جونيئر سيڪنڊري استاد به ڏکيون ٽيسٽون پاس ڪري سخت مقابلي کان پوءِ هن شعبي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ پڻ استادن جون پگهارون بي بي اي، ايم بي اي يا ڊاڪٽر انجنيئر کان گهٽ نه آھن. اهو سڀڪجھه هجڻ جي باوجود سرڪاري تعليمي ادارا گهربل نتيجا ڏيڻ ۾ يا ته ناڪام آھن يا گهٽ ۾ گھٽ اهو عام تاثر ضرور موجود آھي. ذڪر ٿي چڪو ته شعبو تمام وڏو آھي ۽ سڀني  جا مسئلا ڌار ڌار آھن ان ڪري اڄوڪي ڪالم ۾ ڪاليج کاتي ۾ جاري گرما گرم بحث مباحثن جي پسمنظر ۾ هيٺ ڪجھه ويچار ونڊجن  ٿا.

سنڌ جي ڪاليجي تعليم جو کاتو ڪو ساڍن ٽن سون ڪاليجن، ساڍا يارهن هزار کن استادن ۽ باقي ٻئي عملي تي مشتمل نسبتن ننڍو کاتو آھي جيڪو ڇهھ ريجنن جي ڊائريڪٽرس، ڊائريڪٽر جنرل، سيڪريٽري تعليم ۽ ماتحت انتظامي ڍانچي ۾ رهي سرگرم وزير تعليم سنڌ جي نگراني ۾ ڪم ڪري ٿو. ظاهري طرح ايترو مختصر ۽ سادو انتظامي ڍانچو خوش اصلوبي سان هلائڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ نظر ڪانه ٿي اچي پر ڪاليجي استادن جي تمام سرگرم پر هاڻي ڪجھه اختلافن جو شڪار تنظيم، سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ايسوسيئيشن ۽ کاتي جي وچ ۾ تعاون هوندي به ڳالھه نه ڳالھه تي اختلاف ايترا وڌندا رهيا آھن جو ڳالھه مظاهرن،ڌمڪين، بائيڪاٽ ۽ خدا جي مار پوي انهي سوشل ميڊيا تي، هنگامو برپا ٿي ويندو آھي. ڪاليج ۾ ڪم ڪندڙ سڀ استاد 17 گريڊ کان 20 گريڊ تائين جا آفيسر گريڊ جا سرڪاري عهديدار هجڻ سان گڏ ماسٽرس کان ڪري پي ايڇ ڊي ڊگري جا حامل پڙھيل شخص هوندا آھن. اڪثر ڪاليجن جي پرنسپلز،  ڊائريڪٽرس، ڊائريڪٽر جنرل ۽ خود سيڪريٽري، سڀ جا سڀ ساڳئي ويهين گريڊ جا آفيسر هوندا آھن. ايئن به ٿيندو رهيو آھي ته ڊائريڪٽر 19 گريڊ جو هجي ۽ ڪنهن ڪاليج جوپرنسپل ۽ ڪجھه استاد 20 گريڊ جا هجن، ان ڪري هميشه توقع هوندي آھي ته ڪاليج انتظاميه ۽ زيردست عملي جو تعلق برتر ۽ ماتحت وارو هوندي به شائستا ۽ وضعداري وارو هوندو، پر هميشه ايئن نه ٿيندو آھي ڇاڪاڻ ته استاد برادري مان هوندي به اڪثر ڊائريڪٽر خواتين و حضرات صفا لاهي پاهي راشي آفيسر بنجي ويندا آھن. ان لاءِ کين ساڳي طبيعت جا، سي به استاد، آفيس منجهان يا ڪنهن ڪاليج مان ملي ويندا آھن جيڪي ملي ڪري پنهنجي برادري جو استحصال شروع ڪري ڇڏيندا آھن. پرنسپل کي پرسنٽيج کانسواءِ بجيٽ جاري نه ٿيندي،استاد کي اي سي آر،  ارنڊ ليو،ميٽرنٽي ليو، ميڊيڪل جو بل يا بدلي مقرري جو پروپوزل داڻو پاڻي ڏيڻ کان سواءِ نه ملندو. سڀئي آڱريون برابر نه آھن، چڱا ۽ ايماندار به ضرور هوندا. اهڙي صورت ۾ بهتري لاءِ نظرون هيڊ آفيس تي هونديون آھن پر هيڊ آفيس  به جيڪڏهن ڪهاڙي ۾ ڪاٺي جي ڳن سان وڻ وڍڻ واري ڪار ڪندي هجي ۽ استادن مان ئي “ڪجھه” استاد ڳن طور هٿ ڪري انتظامي عملن ۽ سوشل ميڊيا ذريعي بيڪار ڀنڊي مچرائي ان کان پوءِ سٺي انتظام هلائڻ جي خواهش رکي ته اهو ممڪن ڪونهي. ويجهڙائي ۾ کاتي طرفان لاڳو ڪيل ٻن بهترين انتظامي فيصلن کي بدترين انداز ۾  نافذ ڪرڻ سبب تمام گهڻي بي چيني پکڙي آھي. ان سان تعليمي سڪون ۽ شاگردن جي تعليم جو تمام گهڻو نقصان ٿيڻ جو امڪان آھي. اهي فيصلا آھن سينٽرلائيزڊ ايڊميشن جي اسڪيم ۽ بايو مئٽرڪ حاضري جي بندوبست جا. ڪووڊ 19 کان وٺي ٻوڏن برساتن سميت هر مصيبت تعليمي ادارن جي بندش جي صورت ۾ سامهون اچڻ سبب تعليمي عمل تمام گهڻو اڳي ئي متاثر ٿي چڪو آھي ان کي وڌيڪ نقصان پهچائڻ کان بچڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ان جو مطلب قطعن ڪونهي ته صرف انتظاميه ڏوهي آھي، تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آھي. ڊي جي، سيڪريٽري  ۽ وزير تعليم صاحب ،سڀ جا سڀ قابل، ايماندار ۽ قوم جو دلي درد رکندڙ معتبر انسان آھن پر پوءِ به گڙ ٻڙ ٿئي پئي. ايئن ڇو آھي؟

اها حقيقت آھي ته تعليم کاتي ۾ غير حاضري، دير سان اچڻ ۽ وچان گوهي ڏئي وڃڻ جو رواج ٻين شعبن کان سرس سمجهيو ويندو آھي. ان سوچ جو سبب گهڻو ڪري  اسڪولن جو ڏورانهين هنڌ هجڻ ۽ چڪاس توڙي ذاتي جوابدهي جي کوٽ رهندي آئي آھي. انهي ڪري ئي گهوسٽ اسڪول ۽ ٽيچر جي واويلا ٿي جيڪا ڳالهھ سڄي سچي نه هوندي به ڪافي حقيقت هئي ۽ اڃا به آھي. اهو فارمولو ڪاليجن تي شھرن ۾ واقع ھجڻ ۽ سڀ ڪنهن جي اک ۾ ھئڻ سبب گهٽ لاڳو ٿيو ٿي پر ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته ڪو اتي سڀ ڪي فرشتا هوندا. ڀلا ۽ برا ڪٿي به ٿي سگهن ٿا. ڪاليجي استادن ۾ تمام فرض شناس فيڪلٽي جي وچان “ ٽيوشن ٽيمون” ضرور آھن. ڊاڪٽرن جي پرائيويٽ پريڪٽس وانگر استادن جي ٽيوشن پڙھائڻ تي پابندي بلڪل به نٿي لڳائي سگهجي پر ڪاليج ٽائيم ڇاڪاڻ ته وڪاڻل وقت آھي ان دوران اهو ڪنهن ٻئي هنڌ استعمال ڪرڻ بد ديانتي سان گڏ فرض ۾ ڪوتاهي ۽ قوم جي معمارن جي حق تي ڌاڙي مترادف ھو، آھي ۽ رهندو. ڪنهن حد تائين اهو عمل جاري رهندو آيو آھي. ڪاليجن ۾ دير سان پهچڻ ۽ جلدي واپس موٽي وڃڻ جو سبب به پرائيويٽ ڪوچنگ رهي آھي. وڏن شھرن ۾ ته ڪجهھ ڪاريگر ڪاليج ۾ ڪلاس وٺي وچان پرائيويٽ سينٽر تان به تاريخ کڙي ڪري موڪل مهل وري ڪاليج ۾ موجود هوندا آھن. انهي روش کي روڪڻ لاءِ بايو مئٽرڪ جو نظام ساراھه جوڳو قدم آھي ۽ پڻ عالمي معيار مطابق طريقه ڪار به آھي جنهن جي مخالفت ڪرڻ جو حق تسليم ئي نٿوڪري سگهجي پر انهي عمل دوران اعتراض ان ڳالھه تي ضرور جائز هوندو جيڪڏهن ڪاليج کاتي جا ڪارندا ڪنهن مخصوص برانڊ ۽ ڪمپني کان بايو مئٽرڪ مشين خريدڻ لاءِ پابند ڪن سا به لازمي مهانگي مشين جيڪا ڪنهن وڏي آرگنائيزيشن جي عملي لاءِ ڪافي هجي يا اهو الزام ته مخصوص صاحبان در در وڃي ان مشين جي مارڪيٽنگ ڪندا هجن ته اها حرڪت هيڏي ساري ڊپارٽمينٽ ۽ معتبر ماڻهن لاءِ پريشاني جو باعث بنجڻ گھرجي. ٻي ڳالهھ ته وڏن شھرن کان ٻاهر گهڻو ڪري هر تعلقي ۾ ھڪ هڪ ڪاليج آھي. عملو پري پري کان يا ٻين شھرن کان به ايندو آھي ان ڪري صبح وارن ڪاليجن جو وقت نو وڳي کان اڳ ته رکڻ ئي نه گهرجي، ان کان سواءِ ٻاهرين استادن جو پيريڊ پهرئين بدران عمومن ٻيون يا اڃا بعد ۾ رکيو ويندو آھي ته جيئن شاگردن جو نقصان نه ٿئي. ان ڪري صبح جو سوير( نوي بجي کان اڳ) بايو مئٽرڪ اٽينڊنس وٺڻ ۾ اڌ ڪلاڪ جي دير ڪرڻ حقيقت پسندي هوندي. چيف سيڪريٽري کان سيڪريٽريٽ ۽ ڊائريڪٽوريٽس جو عملو خود ڪهڙي ٽائيم تي ٿو پهچي ؟ ان ڪري هل ڙي  پڇ ڪاري واري ننڍڙن ماڻھن جھڙي حرڪت به نٿي جڳائي. بايو مئٽرڪ ضرور ٿيڻ گهرجي پرڪاروباري تاثر جهڙا قيامت  خيز شڪ ختم ٿيڻ گھرجن.

سينٽرلائيزڊ داخلائن جو نظام لاڳو ڪرائڻ بنيادي طرح سپلا ڪراچي جي تجويز هئي جنھن کي پندرهن کن سال گذري چڪا آھن. عملي طرح اڄ به ان نظام جو نفاذ وڌ ۾ وڌ حيدرآباد تائين وڌائي سگهجي ٿو باقي صوبي جي ڪاليجن لاءِ اها اسڪيم بي معنيٰ آھي ۽ عملي طرح ان جو سواءِ مونجهاري پيدا ڪرڻ ۽ مشڪلاتن ۾ واڌارو ڪرڻ جي ٻيو ڪو به ڪارج ڪونهي. ها باقي کاتي وارن کي ڪاليج پرنسپلز جون اهي ڪارستانيون روڪڻ ان طرح ضرور سوليون لڳيون هونديون جن تحت ڪجھه “ ماهر پرنسپال” داخلا جي تاريخن ۽ شاگردن جي تعداد کي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جي انداز ۾ استعمال ڪيو ٿي. ان جو مقصد ٽيوشن ۽ داخلا فين لاءِ ملندڙ رقمن ۾ ڏنڊي هڻڻ ۽ امتحانن جي فارمن جي آخري تاريخن تائين من پسند ملھه تي يا ماڻھو کي داخلا ڏيڻ  مقصد ھوندو هو. هاڻي في واري گهڻي لالچ باقي نه رهي آھي. پڪ سان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا پرنسپال ان طرح جي حرڪت ڪندا هوندا. سرڪار کي غير مرڪزيت واري نظام ۾ ڏکيائي اها هئي ته انرولمينٽ جا انگ اکر جيڪي پلاننگ،بجيٽ ۽ ڊونر ايجنسيز لاءِ ھر وقت گهربل هوندا آھن انهن کي ترت ۽ درست طرح  گڏ ڪرڻ ۾ ڏکيايون پيش آيون ٿي. ٿوري مهارت سان اهي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا. هاڻي ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ اِي گورنمنٽ جي هن دؤر ۾ اهي سڀ سرگرميون سؤليون ٿي پيون آھن. ٻنهي رخن کي سمجھڻ کان پوءِ اهو سمجهڻ گھرجي ته ڏورانهن هنڌن تي 12 کان 18 ڪلاڪ بجلي هوندي ناهي ان ڪري اهو سڄو عمل مقرر وقت ۽ طريقه ڪار مطابق مڪمل ڪرڻ به ڏکيو آھي پر جڏهن شاگرد کي اڪيلي ڪاليج جي چونڊ ئي ڪرڻي آھي ته اها چونڊ کان وڌيڪ ڌانڌلي چئبي يا هروڀري مٿا ماري سمجهبي. عملي ۽ عوام لاءِءِءِ ھٿ وٺي ڏکيايون ڪرڻ اذيت پسندي آھي.

ڪاليج کاتي جي خوبي سمجهجي يا سپلا جي برڪت، ڪاليج برادري لڳ ڀڳ سڄي سنڌ ۾ ھڪ ٻئي کي سڃاڻي ٿي، خاص ڪري سينئر ساٿين کي. ان ڪري ڪنهن جي چڱائي يا مَٺائِي ڪنهن کان لڪل ناهي هوندي. منهن تي ڪير ڪاڻي کي به ڪاڻو نٿو چوي.  مڄاڻ ڪهڙن سببن ڪري اسان وٽ چيئرمين بورڊ، ڊائريڪٽر جنرل يا ڊائريڪٽر ڪاليجز جي ڪرسي تي ڪڏهن ڪجھه ماڻھو پهريائين ته اوچتو الائي ڪٿان اچي وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن اچي به وڃن ته اهڙا کانچا فٽ ڪريو ڇڏين جو وري وڃڻ جو نالو ئي نه وٺندا آھن. فيلڊ ۾ عزت ۽ مڃوتي به ڀل ته نه هجي. ان طرح جا مثال پير مظھرالحق جي دؤر ۾ غير قانوني ڀرتين ذريعي ڪيل بد عنوانين جا ثبوت ملڻ کان پوءِ انهن ملازمن خلاف ڪيل ڪاررواين دوران اهڙن صاحبن جي تعاون نه ڪرڻ ۽ بعد ۾ انهن چند ملازمن خلاف ڪيل ضابطي جي ٿيل ڪاررواين کي ڳجھر ڳوھه ۾ وري واپس وٺڻ جي زنده مثالن مان ملي  سگهن ٿا. هن وقت به ساڳي صورتحال آھي ۽ ساڳيا ڪردار سالن کان ڪرسين تي قائم آھن. اهڙيون مقرريون ڪنهن اهليت ۽ سٺي شھرت مطابق ڪجن ۽ ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ نه  ڪجن ته گهڻي بد نامي کان بچي پئبو. 20 گريڊ جا لائق ۽ سينئر پروفيسر وڏي تعداد ۾ موجود به آھن پر ڪافي هنڌن تي 19 ۽ 18 جا پرنسپال ويٺا آھن. وڏن عهدن کي ته ڇڏيو هاڻي ته ننڍڙا ماڻھو به وڏ ماڻهپو ماڻيندي دير ئي نٿا ڪن.

استاد تنظيمون به تڪڙيون طيش ۾ اچڻ بجاءِ پروموشن، سروس اسٽرڪچر ۽ وڏيون پگهارون حاصل ڪرڻ ۾ شاندار ڪاميابين ماڻڻ کان پوءِ تعليمي نظام، تعليمي ادارن ۽ قوم جي ٻچڙن جي ڀلي لاءِ به ڪي ڪوششون وٺن، ڪي سيمينار منعقد ڪرائين ۽ پنهنجي تجربي جي بنياد تي کاتي وارن کي بهتر تجويزون ڏيئي سرڪار جي نه ته به نظام جي مدد ڪن ڇو ته سماج کي شڪايت آھي ته استاد ڪڏهن به تعليمي سجاڳي ۽ بهتري لاءِ ڪا ريلي ڇو نٿا ڪڍن؟