پنهنجي طبقي لاءِ بااختيار ۽ عوام لاءِ بي اختيار بڻيل وزيراعظم!

0
131
پنهنجي طبقي لاءِ بااختيار ۽ عوام لاءِ بي اختيار بڻيل وزيراعظم!

 هن ملڪ ۾ جنهن به سياسي پارٽي جي حڪومت هجي يا اقتدار ۾ هجي ته اها ايئن محسوس ڪرائيندي آهي ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو انهن جي مرضي ۽ منشا مطابق ٿي رهيو آهي. ڪهڙو به عوام دشمن يا جمهوريت دشمن فيصلو هجي، قانون هجي يا ڪا کڻي آئيني ترميم هجي، پر ان جي حق ۾ اهڙا دليل ڏئي چوندا ته اسان جي حڪومت جيڪو اهو فيصلو ڪيو آهي اهو بلڪل به جمهوريت جي بقا لاءِ ضروري هو، جنهن جو سڀ کان وڏو فائدو عوام کي پهچندو ۽ ان جي مفادن وٽان اهڙو فيصلو ڪيو آهي. اهي عوام دشمن ۽ جمهوريت دشمن سڀ فيصلا نه صرف وڏي فخر سان ڪيا ويندا آهن، پر انهن جي حق ۽ حمايت ۾ هڪڙو پورو بيانيو پڻ جوڙيو ويندو آهي. جيڪا اسٽيبلشمينٽ مخالف ڌر ۾ جمهوريت دشمن ۽ عوام دشمن هوندي آهي، اقتدار ۾ ايندي يا وزارت اعظميٰ ملندي اها پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جو سڀ کان وڏو ادارو ٿي ويندي آهي. ادارن جا سربراهه پاڪستان ۾ جمهوريت جا وڏا علمبردار ٻڌايا ويندا آهن، جمهوريت جا وڏا تمغا انهن کي ڏنا ويندا آهن، پر ايترو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به جڏهن انهن کي زبردستي حڪومت مان نيڪالي ڏياري ويندي آهي ته روئڻ پٽڻ شروع ٿي ويندا آهن. پوءِ وري ابتو راڳ شروع ٿي ويندو آهي ته دراصل حڪومت اسان جي هئي، اسان وٽ ڪي به اختيار نه هئا. بس بظاهر اسان حڪومت ڪري رهيا هئاسين، پر پويان ٻيا هئا جن وٽ اصل طاقت هئي. اقتدار اسان وٽ هو پر اختيار ڪنهن ٻئي وٽ هئا. يا جيئن گذريل ڏينهن عمران خان چيو ته “حڪمران آئون نه ڪو ٻيو هو”. تنهن ڪري حڪومت ۾ اچي سڀ مزا ۽ پورا پورا فائدا به وٺبا وري اقتدار کان ٻاهر اچي معصوم ۽ مظلوم بڻجي عوام کي اچي ٻڌائبو ته اسان توهان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيو پئي، پر جن وٽ اختيار ۽ اقتدار هو، انهن اسان کي اوهان جي مفادن وٽان ڪي فيصلا ڪرڻ نه ڏنا، تنهن ڪري موٽي توهان ڏي آيا آهيون، هاڻي اسان جي آواز ۾ آواز ملايو ته من ڪو اگهه ٿئي ۽ وري ڪو وڪامجڻ جهڙا ٿيون.

پر ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته جيڪي اصل ملڪ جا مالڪ آهن، انهن ڪڏهن به سويلين حڪومتن کي گهڻا اختيار نه ڏنا آهن، بس نالي ماتر انهن کي اقتدار ۾ آڻي اڳيان پيش ڪندا آهن ۽ پويان ويهي سڄا ملڪي معاملا هلائيندا آهن. اهڙن مثالن سان ملڪي تاريخ ڀري پئي آهي. في الحال هن وقت شروع وارا 24 سال بحث هيٺ نٿا آڻيون ۽ ڳالهه ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي “عوامي” دور کان شروع ڪريون ٿا. ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اڄ جي مقابلي ۾ تنهن وقت ڀٽي صاحب وٽ تمام گهڻا اختيار هئا، جنهن جو مکيه سبب اوڀر پاڪستان جو الڳ ٿي وڃڻ ۽ نوي هزار فوجي قيد ٿيڻ هو. انهن سان گڏ ڀٽي صاحب هڪ ئي وقت 18 جنرلن کي برطرف ڪري انهن جي جڳهه تي ٻيا جنرل مقرر ڪيا هئا ۽ اهو ڪارنامو به ڀٽي صاحب جي حڪومت ڏانهن وڃي ٿو جو ان جي دوستن غلام مصطفيٰ جتوئي، غلام مصطفيٰ کر ۽ ممتاز ڀٽي ان وقت جي آرمي چيف جنرل گل حسن ۽ نيول چيف جنرل رحيم کان نه صرف گن پوائنٽ تي استعيفائون ورتيون پر ان جي زور تي انهن ٻنهي کي ڪار ۾ وجهي گورنر هائوس پنجاب ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو. غلام مصطفيٰ جتوئي، غلام مصطفيٰ کر، ممتاز ڀٽو ۽ حفيظ پيرزادو پنهنجن ڪيترن انٽرويوز ۾ وڏا ٽهڪ ڏئي ۽ وڏي مزي ۽ فخر سان ان واقعي کي بيان ڪري ٻڌائي چڪا آهن، جن کي هن وقت به يوٽيوب تي ڏسي سگهجي ٿو، پر ٿوري وقت کانپوءِ جڏهن عطاالله مينگل جي پٽ اسد مينگل کي قتل ڪري سندس لاش کي گم ڪيو ويو ۽ ڀٽي صاحب ان معاملي کي هڪڙي خاص ميٽنگ ۾ کنيو ته ڀٽي صاحب کي “ڪن”طاقتور ماڻهن چيو ته بس، آئيندا ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه نه ٿيڻ گهرجي ۽ اهو معاملو ختم سمجهو ۽ ڀٽي صاحب ايئن ڪيو. ڇو ته ان وقت تائين اسان جي اعليٰ اداري جا تقريبن 45 سئو آفيسر روس ڪافر کي ختم ڪرڻ، مسلمانن جي ڀلائي ۽ اسلام جي سر بلندي لاءِ آمريڪا مان “ٽريننگ” مڪمل ڪري نه صرف ملڪ موٽي چڪا هئا ۽ ان “ٽريننگ” تحت ڪم کي اچي لڳا. هي ڳالهه به رڪارڊ تي موجود آهي ته اڄ چين جيڪا گوادر تي سيڙپ ڪري رهيو آهي، ڀٽي صاحب سڀ کان پهرين آمريڪا کي گوادر تي سيڙپ ڪرڻ جي پيش ڪيش ڪئي هئي، پر آمريڪا ان ۾ ڪا خاص دلچسپي نه ڏيکاري. جنهن کانپوءِ ڀٽي صاحب اها آفر سويت يونين کي ان شرط سان ڪئي هئي ته سويت يونين اتي اچي سيڙپ ڪري، پر تنهن جي موٽ ۾ ووٽيڪن سٽي وارا عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ کي جيڪا سيڪيورٽي ڏيندا آهن، مون کي به سويت يونين اهڙي قسم جي سيڪيورٽي مهيا ڪري. سويت يونين جڏهن ڀٽي صاحب کان اهڙي قسم جي سيڪيورٽي طلب ڪرڻ متعلق پڇيو ته ڀٽي صاحب چيو ته مون تي آمريڪن جو ايترو قبضو ٿي چڪو آهي جي آمريڪا منهنجي بورچي کي چئي ته اهو بورچي بنا دير تيز ڇري سان منهنجي سسي لاهي ڇڏيندو. هتي اهو به سوال وڏي اهميت رکي ٿو ته اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ ۽ خاص طور تي جنرل ايوب خان جيڪي آمريڪا سان جهڙوڪر سفارتي ناتا ختم ڪري ڇڏيا هئا يا اهي انتهائي خراب ٿي چڪا هئا، تن کي ڀٽي صاحب نه صرف نئين سر بحال ڪيو، پر ايشيا ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڏي اتحادي طور ڏيکاءُ ڏيندو رهيو ۽ سويت يونين سان بحال ٿيل تعلقاتن کي پٺي ڏئي ڇڏي، وري 1988ع ۾ بينظير صاحبه آئي ۽ اچڻ شرط جنرل اسلم بيگ کي جمهوريت جو تمغو پيش ڪيو. حڪومت جا مڪمل مزا ۽ فائدا ورتا، پر حڪومت کسجڻ کانپوءِ چوڻ شروع ڪيو ته اسان وٽ ڪي به اختيار نه هئا. پوءِ وري 1993ع جي آخر ۾ اقتدار مليو ۽ جڏهن 5 نومبر 1996ع ۾ حڪومت ختم ڪئي وئي ته اهو ساڳو سر الاپيو ته اسان وٽ ڪي به اختيار نه هئا. نواز شريف به ٻئي دفعا حڪومت وڃائڻ کانپوءِ اهي آلاپ پيش ڪيا ته منهنجا هٿ ٻڌل هئا ۽ آئون بي اختيار هئس. ٽيون دفعو 2017ع ۾ به وزارت اعظميٰ نڪرڻ کانپوءِ به اهو پراڻو بيانيو ته آئون بي اختيار وزيراعظم هئس. جيئن هاڻي پورا پوڻا چار سال حڪومت ڪرڻ کانپوءِ عمران خان چئي رهيو آهي ته بلڪل آئون وزيراعظم هئس پر مون وٽ ڪي به اختيار نه هئا.

هتي صرف جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان، جنرل ضياالحق ۽ جنرل مشرف اهڙا فوجي حڪمران رهيا آهن، جن ڪڏهن به نه چيو ته اسان وٽ اختيار نه هئا، تنهن ڪري انهن وٽ سڀ اختيار هوندي به انهن ملڪ کي تباهه ڪرڻ، ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ، رڪارڊ ڪرپشن ڪرڻ، ملڪ جي آئين ۽ قانون سان مذاق ڪرڻ، ڪروڙين ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ، ملڪ جي سلامتي سان کيڏڻ، انساني حقن جي رڪارڊ لتاڙ ڪرڻ، جمهوري ادارن جي رستا روڪ ڪرڻ، انهن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ، اهي سڀ ڪم انهن بااختيار هوندي ڪيا، هاڻي جڏهن انهن سڀ اختيار هوندي اهڙا ڪم ڪيا ته پوءِ جن سياسي پارٽين کي ٿوري وقت لاءِ ڪن اڻ ٽر مجبورين جي ڪري آڻي اچي اقتدار ۾ ويهاريو ڇا اهي انهن سويلين کي اختيار ڏيندا ته اهي اهڙا ڪم ڪن جنهن سان ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني قائم ٿيندي نظر اچي؟ اهي سويلين اهڙا ڪم ڪن جنهن سان ملڪ مان بيروزگاري جو خاتمو اچي وڃي؟ اهڙا ڪم ڪن جيڪي جنرل ايوب، جنرل يحييٰ، جنرل ضيا ۽ جنرل مشرف نه ڪيا ۽ انهن جي ڪرڻ سان انهن جنرلن جي اهميت گهٽ ٿئي ۽ انهن سويلين جي اهميت وڌي وڃي؟ اهي چاهيندا سويلين حڪمران اهڙا ڪم ڪن جنهن جو فائدو عوام کي ٿئي، عوام کي خوشيون ملن، عوام جي زندگي ۾ خوشحالي اچي وڃي، جنهن کان پوءِ وري عوام انهن جا هٿ مضبوط ڪري، جنهن جي بنياد تي اهي وري اچي اسان سان مهاڏو اٽڪائين. تنهن ڪري انهن کان اهڙا عوام دشمن ۽ اهڙا جمهوريت دشمن ڪم وٺجن، جو انهن جي عزت نه عوام وٽ هجي ۽ نه ئي اسان وٽ. اسان جڏهن به چاهيون انهن کي پنهنجي مفادن وٽان استعمال ڪري اڇلي ڇڏيون.

هاڻي هتي هي سوال تمام اهم آهي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي عمران خان تائين سڀني وزيراعظمن عوام آڏو اچي بار بار اعتراف ڪيو ته اهي وزيراعظم هوندي بي اختيار هئا ته پوءِ انهن هڪ دفعو ٻيهر اهڙي بي اختيار وزارت اعظميٰ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڇو ڪوششون ڪيون ۽ ڇو ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ عوام سان ڪيل سڀ واعدا ۽ وچن وساري وڃي اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ڪن ٿا ۽ ٺاهه ڪرڻ جي لاءِ بي تاب ٿيو بيٺا آهن؟ عمران خان جنهن کي وزارت اعظميٰ مان نڪري ڇهه ست مهينا مس ٿيا آهن، روز ٿو دانهون ڪري ته توهان چورن سان ملي مون کي ڪرسي تان ڇو هٽايو. جنهن جو مطلب توهان کي ڪي به اختيار نه گهرجن، اختيار حاصل ڪرڻ يا هڪ طاقتور وزيراعظم رهڻ توهان جي ترجيح ناهي، توهان کي صرف ڪرسي کپي، پوءِ ڀلي توهان بي وس هجو، بي اختيار هجو پر اها ڪرسي ملي. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب، بينظير صاحبه، نواز شريف ۽ عمران خان تائين سڀني ڪرسي جو مڪمل مزو ورتو ۽ ان کانپوءِ جڏهن اها ڪرسي کسي وئي ته پاڻ کي بي اختيار ۽ بي وس ۽ مظلوم ثابت ڪري ڏيکارڻ کانپوءِ به نواز شريف ٽي دفعا وزيراعظم بڻيو، بينظير صاحبه ٻه دفعا وزيراعظم بڻي ۽ ٽيون دفعو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ جنرل مشرف سان ٺاهه ڪيو، پر ڪن سببن جي ڪري اها ڊيل ناڪام ٿي وئي ۽ هن وقت عمران خان وزارت اعظميٰ وڃائڻ کانپوءِ به ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ روز پيو رڙيون ڪري ته چورن سان ملي مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ يعني آئون اهڙي بي اختيار ڪرسي يا وزارت اعظميٰ ۾ به خوش هئس ۽ مون کي ڪا به تڪليف ۽ پريشاني نه هئي بس هڪڙي پريشاني آهي ته اها وزارت اعظميٰ مون کي وري واپس ڏيو، باقي جيڪو وڻي توهان ڪندا رهجو. تنهن ڪري هي سڄي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته هن ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن اقتداري سياسي پارٽين جو هڪ گڏيل منشور ۽ مقصد آهي ته پاڻ ۾ گڏجي ڪرپشن ڪري مالي ميڙينداسين، امير کان امير ٿينداسين، قرض وٺي هڙپ ڪري وينداسين، امداد کائي وينداسين، هٿرادو ٻوڏون ۽ تباهيون آڻي انهن جي نالي ۾ قرض ۽ امداد وٺي گڏجي کائينداسين. باقي ڪنهن به طرح ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ هڪڙي وک به نه کڻنداسين، ڪنهن به طرح ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ به اهڙو عمل نه ڪنداسين جنهن سان ملڪ جي امير طبقي يعني پنهنجي طبقي کي نقصان نه پهچائينداسين، 23 ڪروڙ عوام جي نالي ۾ امداد ۽ قرض وٺي پنهنجي طبقي جي بقا ۽ ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪنداسين. 23 ڪروڙ عوام کي ڪنهن به طرح منظم ٿيڻ ۽ پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻ نه ڏينداسين. ۽ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت لاءِ هلندڙ ڪنهن به تحريڪ يا جدجهد کي ٽارپيڊو ڪري، ان کي پويان ڌڪ هڻي مڪمل طور ختم ڪري ڇڏڻو آهي.

[email protected]