حادثن مان سرڪار سبق ڇو نه ٿي سکي !؟

0
125
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ هن وقت موت هر طرف واڪا ڪري رهيو آهي،پهرين ٻوڏ ماڻهن جو الهه تلهه لوڙهي ڪيتريون انساني جانيون ضايع ڪري ڇڏيون، جيڪي اتان بچي نڪتا اهي بک ۽ بيمارين مان بچڻ جي ڪوشش ۾ آهن ته ڪيترائي  پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن. رهيل سهيل ڪسر وري روڊ حاثن ۾ پوري ٿي رهي آهي. اهي حادثا ڪي اتفاقي نه پر سالن جي غفلت ۽ لاپرواهي جو نتيجو آهن جن ۾ سوين انساين جانيون ضايع ٿي رهيون آهن پر سرڪار ۽ انتظاميا کي انهن جي ڄڻ ته ڪا پرواهه ئي ناهي ڇاڪاڻ ته انهن حادثن کانپوءِ انهن جي ردعمل ۽ ريسپانس مان ئي لڳندو آهي ته  انهن انساني جانين جي انهن جي آڏو ڪيتري قيمت ۽ قدر آهي  جو حادثي واري هنڌ نه رڳو انتظامي ڪامورن پر چونڊيل نمائندن به پهچڻ جي تڪليف نه ڪئي،ٻيو رليف يا ريسڪيو جو ڪم ته ٿيو پري جي ڳالهه پر متاثرن کي آٿت ڏيڻ به نه ٿا پهتا جنهن کان وڏي بي حسي ٻي ڪا ٿي ئي نه ٿي سگهي، ته جيڪي ماڻهو انهي عوام جي ٽيڪس جي پئسي ۽ انهن جي ووٽ سان اختيار ۽ اقتدار جا مزا ماڻي رهيا آهن اهي ئي انهي عوام کان لاپرواهه بڻيل آهن ڄڻ ته انهن جي ڪا ذميواري ئي ناهي نه ئي وري اهڙن حادثن جي ذميوارن کي ڪڏهن سزا تائين پهچايو ويو آهي جو انهن حادثن جي روڪٿام ڪري سگهجي.

اسان وٽ اها روايت رهي آهي ته ڪو به وڏو حادثو ٿيڻ وقت تحرڪ ورتو ويندو آهي، جاچ ڪميٽي جڙندي آهي،ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو آهي ڪجهه سفارشون ۽ تجويزون پيش ڪيون وينديون آهن عارضي طور ڪجهه ذميوار معطل ڪيا ويندا آهن پر جڏهن معاملو ٿڌو ٿيندو آهي ڪجهه ڏينهن گذرندا آهن ته سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي ۽ شيون انهي معمول مطابق هلنديون آهن جيڪي حادثن جو سبب هونديون آهن جيستائن ڪو ٻيو وڏو حادثو نه ٿئي.ڪڏهن به اها ڪوشش نه ٿي آهي ته جنهن سبب جي ڪري حادثو ٿيو ان کي ختم ڪيو وڃي،يا جيڪي ذميوار آهن انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته جيئن ٻيو ڪير ساڳئي غلطي يا لاپرواهي ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچي.اڳ جڏهن سي اين جي گاڏين ۾ لڳل گئس سئلينڊر بم بڻجي ڦاٽڻ لڳا ته انهن تي پابندي لڳائي وئي انهن جي مينٽينسس جون ڳالهيون ڪيون ويون پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري اهي ساڳيون گاڏيون اهي ساڳيا گئس سئلينڊر پبلڪ ٽرانپسورٽ ۾ هلڻ لڳا. اڄ به سيکڙاٽ ڊائيور وڏن روٽن تي گاڏيون هلائيندي ملن ٿا، ڪير انهن کان لائسنس پڇڻ وارو ناهي ڇاڪاڻ ته سڀني کي خبر آهي ته اهي لائسنس ڪيئن ٺهي ملن ٿا. ناڪارا گاڏيون جن جا نه بريڪ ڪم ڪن ٿا نه جن جون ٽاءِ راڊ اهڙي حالت ۾ هونديون آهن جو ڊگهو سفر ڪري سگهن نه ئي وري انهن جي انجڻ مستحڪم هوندي آهي، پيون هلن، ڇاڪاڻ ته روڊ ۽ ٽرانسپورٽ کاتو ڄڻ ته آهي ئي ڪونه.وڏي ڳالهه ته هيترن ماڻهن جي حادثن ۾ مرڻ تي به حڪومت ۽انتظاميا ماٺ آهي، ايئن ڄڻ انهن انساني جانين جي ڪا قيمت ئي نه هئي جو سرڪار کي انهي جي ڪا پرواهه ٿئي.ان هيڏي حادثي کانپوءِ صوبائي حڪومت ۾ ته ٻڙڌڪ متل هئڻ گهرجي ها پر هتي ته ضلعي جي ڊي سي کي به لوڏو ناهي آيو ته سرڪار ته وڏي ڳالهه آهي.هيترن ماڻهن جي جنازي نماز ۾ ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا وزير مشير جي شريڪ نه ٿيڻ جو مطلب ئي اهو آهي ته اهي عام ماڻهو کي ڪيڙا ماڪڙا سمجهن ٿا جن جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ به گوارا نه ٿاڪن.

اسان سمجهون ٿا ته هي هيترن ماڻهن جو حادثي ۾ فوت ٿيڻ  معمولي ڳالهه ناهي جنهن کي وساري ڇڏي ڏجي، ايترا ماڻهو ته جنگ ورتل ملڪ ۾ به ناهن مرندا جيترا روز سنڌ ۾ حادثن ۾ پنهنجي حياتي وڃائي رهيا آهن ۽ انهن جي ذميوار سرڪار ۽ لاڳاپيل انتظاميا آهي، جيڪي سبب ڄاڻيندي به انهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن.تنهن ڪري هن حادثي  کي مثال بڻائي انهن سڀني ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائجي جيڪي هن حادثي جو سبب بڻيا آهن جيئن وري ڪو ٻيو وڏو حادثو پيش نه اچي.