جھانگير جي نالي تي ٿيندڙ تنقيد تي ڪرينا ڪپور جو رد عمل اچي ويو

0
711

ڪراچي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ڪرينا ڪپور ۽ اداڪار سيف علي خان جي ٻي پٽ جھانگير جي نالي تي ٿيندڙ تقنيد بعد ڪرينا ڪپور جو رد عمل بھ سامھون اچي ويو، ڪرينا ڪپور تازو پنھنجي ڪتاب ”ڪرينا ڪپور خانز پريگنينسي بائبل“ ۾ ٻي پٽ جو نالو ٻڌايو، جيڪو ھُن جھانگير رکيو ھو، نالو سامھون ايندي ئي ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي اداڪارا ۽ ان جي پٽ کي ٽرولنگ جو منھن ڏسڻو پيو.
اداڪارا ڀارتي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو تھ مان ھڪ مثبت سوچ رکندڙ عورت سان گڏ پنھنجي زندگي ۾ انتھائي خوش ۽ مطمئن آھيان، عالمي وبا ڪورونا دوران بھ خوشيون پکيڙڻ چاھيان ٿي، ڪرينا ڪپور جو چوڻ ھو تھ بالي ووڊ اداڪارن کي آساني سان ٽارگيٽ بڻائي انھن تي تنقيد ڪئي ويندي آھي پر مان ڪنھن قسم جي منفي ڳالھين ۽ ٽرولنگ جي باري ۾ وڌيڪ ناھيان سوچيندي.