جي ڊي اي اڳواڻ محمد خان جوڻيجو جا نامزدگي فارم رد

0
60

سانگهڙ جي قومي تڪ اين اي 209 تي جي ڊي اي اڳواڻ محمد خان جوڻيجو جا نامزدگي فارم رد، رٽرننگ آفيسر پ پ جي مقامي اڳواڻ پاران داخل ڪرايل اعتراضن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، پ پ اڳواڻن پاران داخل ڪرايل اعتراضن ۾ چيو ويو هو ته محمد خان جوڻيجو جعلي ڊگري ڪيس ۾ نااهل ٿيل آهي، تنهن ڪري سندس نامزدگي فارم رد ڪيا وڃن، محمد خان جوڻيجو ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلزپارٽي ڇڏي فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيو هو، محمد خان جوڻيجو سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جو پٽ آهي، محمد خان جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت بعد سندس ڀاءُ روشن جوڻيجو پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تان ايم اين اي چونڊيو هو، ڪنري جي صوبائي تڪ پي ايس 51 تي پي ٽي آءِ جي عرفان سليم ۽ جماعت اسلامي جي ممتاز گشڪوري جا نامزدگي فارم رد، رٽرننگ آفيسر ٻنهي اڳواڻن کي ٽيڪس ڊفالٽر ڄاڻائي نامزدگي فارم رد ڪيا، جي ڊي اي اڳواڻ محمد خان جوڻيجو پاران نامزدگي فارم رد ڪرڻ واري فيصلي کي اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي محمد خان جوڻيجو چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي دور ۾ مون سان زيادتي ڪئي وئي، جعلي ڊگري جي ڪوڙي ڪيس ۾ نااهلي جي سزا ٻڌائي وئي، نواز شريف تاحيات نااهلي جي سزا باوجود چونڊ وڙهي سگهي ٿو ته پوءِ مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟  رٽرننگ آفيسر پيپلزپارٽي جي ونگار وهي رهيا آهن