جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ريلوي اختيارين جو ناجائز اڏاوتن خلاف آپريشن، صوبائي صلاحڪار جي والد جو اڏاوت ٿيندڙ پيٽرول پمپ جي 25 فوٽ ڀت غيرقانوني ڄاڻائي پٽ. خبر موجب ريلوي عملدارن ڊويزنل انجنيئر دلاور لاشاري جي اڳواڻي ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران ڪوئيٽا روڊ تي پٿر موڙ وٽ صوبائي لاحڪار جي والد مير بابل جکراڻي جي پيٽرول پمپ جي 25 فوٽ تائين اڏاوتي ايراضي غيرقانوني ڄاڻائي ڊاهي پٽ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڊويزنل انجنيئر ريلوي جو چوڻ هو ته ڪنهن کي به ريلوي جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو