خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ تيز هوا سبب سينٽرل جيل ڀرسان باگڙي، اوڏ ۽ بلوچ برادري جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب مسمات ڪاموري زال دليپ اوڏ سڙي زخمي ٿي پئي، 5 ٻڪريون ۽ ٻه مينهون سَڙي مري ويون. باهه سبب باگڙي، اوڏ ۽ بلوچ برادري جي متاثرن ۾ ڪرشن، دليپ، دادن، پيارو، آڪاش، انيل، جبار، عظيم، مصطفيٰ، شيرو، نارو، خدن، مٺارام، روي، ڀڄن، مٺومل، رميش، ڀڳو، ڪنور، چندر، سُندري ۽ ٻيا شامل آهن. جن جي گهرن ۾ پيل ڪڻڪ، هنڌ، بسترا، کٽون ۽ ٻيو رکيل سمورو امان باهه لڳڻ سبب سڙي رک ٿي ويو. متاثرن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب 30 کان وڌيڪ ماڻهن جا گهر ۽ گهرن ۾ پيل سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. هنن چيو ته باهه لڳڻ واري واقعي بعد اسان فائر برگيڊ عملي کي بروقت اطلاع ڏنو پر عملي پاران بروقت نه پهچڻ سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان ۽ گهر مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويا.