باڊھه (ن پ ا) باڊھه لڳ ڳوٺ سامٽيا ۾ 14 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نوجوان دڪاندار مير محمد چانڊيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ ڇَتو چانڊيو تي چڙھائي ڪئي پر جوابدار پريل عرف چانڊيو ۽ رياض چانڊيو هٿ نه آيا، جڏهن ته پوليس جوابدار هٿ نه اچڻ تي سندن گهرن کي رين مشين ذريعي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته 14 ڏينهن اڳ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڌنار ڇوڪرن جي منهن ماري بعد هٿياربندن دڪاندار مير محمد چانڊيو کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.