کورواھ (ن پ ا) سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪرپشن کي هٿي ڏياري سنڌ جي ڀينگ ڪري رھي آھي، ڪڏھن بحريا ٽائون ذريعي ملير جي قديمي ڳوٺن تي قبضا ڪرايا ٿا وڃن ته ڪڏھن وري سنڌ جا وسيلا لڪ چوري وفاق حوالي ڪيا ٿا وڃن. اھڙي خيالن جو اظھار هن پارٽيءَ جي تعلقي ائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته سڄي سنڌ ۾ پارٽيءَ جي تنظيم سازي جاري آھي. ھن وقت نوجوان طبقي جي سياسي شعور کي استعمال ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي، نوجوانن جي سياسي خاموشي جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي جي ڪرپشن وسيلي ڀينگ ڪري رھي آھي. ھن چيو ته جيڪڏھن ڪجھه ڏينھن اندر بدين ضلعي جي سم نالن جي کوٽائي ۽ لاڙ کي پنھنجي حصي جو پورو پاڻي نه مليو ته تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اسلم آزاد سمون، منور پھنور، بشير شاھ شيرازي، اشرف ميرجت ۽ ٻين شرڪت ڪئي