جيڪب آباد: پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ جهيڙي دوران اهلڪار لٺيون لڳڻ سبب شهيد!

0
209

جيڪب آباد: ٺل جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد سرڪي ۾ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس چڙھائي ڪئي ته پوليس ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ پوليس اھلڪار پرويز بنگلاڻي لٺيون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال نيو ويو جتي هو زخمن جا سور نـ سھندي شھيد ٿي ويو. مقتول پوليس اھلڪار جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا، ايس ايڇ او رفيق کيڙو موجب قتل جي سزا ٻڌايل ٻن روپوش جوابدارن علي گوهر ۽ مير محمد سھندڙو جي ڳوٺ ۾ موجودگي تي ڇاپو هنيو ويو ته ڳوٺاڻن مزاحمت ڪئي، ڳوٺاڻن پوليس تي حملو ڪري جوابدارن کي ڇڏائي ورتو ۽ پوليس اھلڪار کي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن سبب هو شھيد ٿي ويو.