سکر/ ڪوٽڏيجي / اڪري چودڳي (نمائندن وٽان) ڪوٽڏيجي ۾ ڳوٺ ٽنڊو شاهه واسي رانجهو مل ڀاءُ ونود ڪمار مکي تيرٿ مل جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته نياڻي منيشا ميگهواڙ ٺيڙهي جي کجور فيڪٽري مئنيجر شاهد ميمڻ اغوا ڪيو آھي، نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ پاڻ کي باھ ڏيئي ساڙينداسين. هوڏانهن ڪوڏيجي ٿاڻي تي رانجھو مينگھواڙ جي فرياد تي ناري منشا جي اغوا جو ڪيس ٺيڙھي واسي شاھد ميمڻ ۽ ھڪ اڻسڃاتل جوابدار مٿان داخل ڪيو ويو. فريادي موقف اختيار ڪيو ته منشا کي ورغلائي زبردستي زنا ۽ شادي ڪرڻ جي ارادي سان اغوا ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف مسلم ليگ نواز جي ايم اين اي کيئل داس ڪوھستاني ناريءَ جي اغوا جي مذمت ڪندي چيو آھي ته ھندو نياڻي جي تحفظ لاءِ قانون پاس ٿيڻ باوجود اغوا وارو عمل انتھائي ڳڻتي جوڳو عمل آھي، ھندو برادري ۾ سخت بيچيني واري لھر ڇانيل آھي.ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي سان رابطو ڪري معامري متعلق آگاھ ڪيو، جنھن خاطري ڪرائي آھي. ٻئي طرف ھندو برداري سکر جي مکي ايشور لال، اڳوڻي ايم پي اي ديوان چند چاولا ۽ انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس فورم سکر ضلعي جي منارٽي صدر چند ڀان جو چوڻ ھو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن طرفان نياڻي کي زبردستي اغوا ڪري مذھب تبديل ڪرائي شادين وارن واقعن جي روڪٿام لاءِ ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا خاطريون ڪرايون ويون آھن پر افسوس جو ھن وقت تائين ڪو بہ عملي قدم ناھي کنيو ويو. هوڏانهن ناري منيشا ميگهواڙ ڪراچي جي مدرسه جامعه اسلاميه ۾ اسلام قبول ڪرڻ بعد ڪراچي جي ڪورٽ ۾ ٺيڙھي جي رهواسي شاهد ميمڻ سان نڪاح ڪري ڇڏيو آھي، جنهن جو نڪاح نامون پڻ سوشل ميڊيا تي پڌرو ڪيو ويو آھي، ٻئي پاسي اغوا ڄاڻايل ناري جو ڪوبه پنهنجو واضع بيان ظاهر نه ٿي سگهيو هيو.