جوهي(ن پ ا) جوهي کي 2010ع جي مهاٻوڏ جي پاڻي کان بچائڻ ڪردار ادا ڪندڙ پاڻي تحريڪ جو اهم ڪردار سرائي محمد رند گهڻو وقت بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو. جوهي جي هيرو جي لاڏاڻي تي شهر ۾ سوڳ ڇانئجي ويو، جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، هارين ۽ آبادگارن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن بعد آلين اکين سان سندس مڙهه کي اباڻي قبرستان حسن درويش ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڳوٺ بخش علي رند ۾ سندس پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. ٻي طرف شهر جي سياسي، سماجي ۽ آبادگار اڳواڻن ڪامريڊ قربان کوکر، هاشم کوسو، امين وگهيو، ايم بي ٻٻر، شمن کوسو ۽ ٻين چيو ته سرائي محمد رند 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ جي پاڻي کان جوهي شهر کي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري دنيا ۾ جوهي شهر جو نالو روشن ڪري مثال قائم ڪيو. هنن چيو سرائي محمد جهڙا يگانا ڪردار امر هوندا آهن، هو جوهي جو هيرو هو.