لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) قتل ڪيس ۾ قيد ڀوڳيندڙ قيدي سنڌ جي ناليواري اداڪار ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي اڳوڻي صدر عزيز سانگي عرف خانو خردماغ جو وڏو ڀاءُ بشير سانگي گڙدن سميت ٻين مختلف بيمارين وگهي ڪراچي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش جڊيشل مئجسٽريٽ جي موجودگيءَ ۾ وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ايمبولينس ذريعي لاش کڻائي لاڙڪاڻي لاءِ روانا ٿي ويا جنهن جي تدفين اڄ لاڙڪاڻي شهر جي چنا پاڙي ۾ ڪئي ويندي. واضح رهي ته بشير سانگي ٽن قتل ڪيسن ۾ لاڙڪاڻي جيل ۾ قيد ھو، جنهن کي طبيعت خراب ٿيڻ بعد ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي هو علاج هيٺ هو.