ٽنڊوالهيار: فوتي نوجوان جي ڀيڻ بفرا خانزادي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد ڀاءُ جي قاتلن تي ڪيس داخل ڪرائي غريبن تي احسان ڪيون آهي، هن وڌيڪ چيو ته بيگناهه ڀاءُ کي تشدد ڪري ماريو ويو، آواز اٿارڻ تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته اميد آهي ته ڀاءُ جي ڪيس ۾ انصاف ٿيندو.