ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ۾ بابر خانزادي جي لاڪ اپ ۾ پر اسرار موت وارو واقعو نئون رخ اختيار ڪري ويو، ڊي آءِ جي شرجيل کرل ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، ڊي آءِ جي شرجيل کرل، ڊي آءِ جي بينظير آباد مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي بينظير آباد تنوير حسين تنيو، ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ ٽنڊوالهيار پهچي پهچي لاڪ اپ جو معائنو ڪيو ۽ گرفتار ٿيل اهلڪارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي، ٻي طرف وارثن سان تعزيت ڪري واقعي بابت تفصيلات ورتا، جنهن بعد ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل چيو ته واقعي جي شديد مذمت ڪريان ٿو، هن چيو ته ابتدائي انڪوائري مان ظاهر ٿئي ٿو ته پوليس وڏي غفلت ڪئي آهي، جڏهن به ڪو لاڪ اپ ۾ واقعو ٿئي ٿو ته ان جي ذميوار پوليس ٿيندي آهي، هن چيو ته سي آءِ اي پوليس فوتي کان مين پڙيون ريڪوري ظاهر ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، اهي سڀ شيون غلط آهن، جاچ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.