جن ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي قتل ڪرايو، انهن کي سامهون آندو وڃي: اسلم ابڙو

0
326

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ايم پي اي محمد اسلم ابڙو سان ڀاءُ ۽ ڀائٽي جي قتل تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي، ايم پي اي محمد اسلم ابڙو ٽائيم نيوز سان  ڳالهائيندي چيو آهي ته  ڀاءُ ۽ ڀائٽي ئي ٽارگيٽ  ڪري 49 گوليون هڻي قتل ڪيو ويو

محمد اسلم ابڙو جو چوڻ آهي ته شاهواڻي ڌر ڪوئيٽا ۾ آهي،  اها ڪيئن ڪراچي اچي ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي  قتل ڪيو؟ جن ريڪي ڪئي ۽ جن ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي  قتل ڪيو انهن بابت جيو فرانزڪ رپورٽ  سامهون آندي وڃي

هن  جو چوڻ هو ته پوليس 2019 واري ڳالهه تي پئي هلي، ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي ڪنهن قتل ڪيو ۽  ڪنهن قتل ڪرايو، اهي سامهون آندا  وڃن