لنڊن(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڏوهٽي ۽ مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جو نڪاح سڀاڻي لنڊن ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ مريم نواز شرڪت نه ڪندي نه ئي گهوٽ جو پيءُ ڪيپٽن (ر) صفدر ئي شريڪ ٿي سگهندو. ٻئي طرف ان شادي خلاف تحريڪ انصاف جي حامين جنيد صفدر جي گهر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. پوليس آفيسر سندن حفاظت ڪندا رهيا. هنن نڪاح واري ڏينهن به احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر ان ئي وقت نواز ليگ جي حامين به احتجاج جو اعلان ڪيو جنهن تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو احتجاج ختم ڪيو ويو آهي.