گهوٽڪي جي عدالت ۾ فلمي سين، ناري جي نوجوان کي شادي جي آفر

0
1271
عدالت ۾ فلمي سين

گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي جي عدالت ۾ فلمي سين، خيرپور واسي عورت پيرسن سان شادي ڪرائڻ جي ڊرپ کان والده سان گڏ گهران نڪري تحفظ لاءِ عدالت پهچي وئي.

خيرپور جي ڪنگري تعلقي جي رهواسڻ نوجوان ناري سائره شيخ پنهنجي والده سلمه شيخ سان گڏ گهران نڪرڻ بعد گهوٽڪي جي عدالت پهتي ته عدالت اندر پنهنجي ڪم سان آيل نوجوان يعقوب گهوٽو کي شادي ڪرڻ جي آفر ڪئي. گيمڙو واسي نوجوان يعقوب گهوٽو ناري سائره شيخ جي شادي واري آفر قبول ڪري ورتي، جنهن بعد عدالت ۾ يعقوب علي گهوٽو ۽ سائره شيخ جي پسند جي شادي ٿي وئي.

پسند جي شادي ڪندڙ ناري سائره شيخ پنهنجي وڪيل مس طلعت سومرو معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. سائره شيخ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته والد مظهر الدين شيخ لالچي قسم جو ماڻهو آهي، پئسن عيوض 70 سالن جي پيرسن شخص سان شادي ڪرائڻ چاهي پيو، وجهه وٺي والده سلمه سان گڏ گهران نڪري تحفظ لاءِ عدالت پهتي آهيان.

 

عدالت سڳوري کي اپيل آهي ته رشتيدارن مان جان کي خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، عدالت سائره شيخ جي داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ايس ايڇ او اي سيڪشن، بي سيڪشن ۽ گيمڙو پوليس کان 28 آگست تي جواب طلب ڪري ورتو.