جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير ڇڪي: جوابدار 2 ڀيرا ٽگر دبايو پر گولي نه هلي!

0
423
جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير ڇڪي
جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير ڇڪي: جوابدار 2 ڀيرا ٽگر دبايو پر گولي نه هلي!

ڪراچي: سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ شهري ٽارگيٽ ڪلر کان معجزاڻي طور بچي ويو، واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون اچي ويا آهن

بلديا جي علائقي رشيد آباد ۾ نعيم نالي شخص جيڪو سياسي پارٽي جو سرگرم ڪارڪن به آهي، هو معمول موجب رستي مان گذري رهيو هو ته اوچتو هيلمٽ پهريل ٽارگيٽ ڪلر سندس پيڇو ڪيو ۽ ڊوڙي اچي پٺيان سر جي پستول رکيو

فٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽارگيٽ ڪلر نعيم جي مٿي تي پستول رکي ٽريگر کي دٻايو پر گولي نه هلي، جوابدار ٻيهر ٻيهر فائر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر گولي ڦاسي پئي ۽ شهري معجزاڻي طور بچي ويو