جنهن کي رب رکي ان کي ڪير چکي، ٻارڙي ھٿ اچڻ تي ڳوٺاڻو خوشي ۾ کيرو

0
341

ڀرياروڊ ( ن پ ا) چوندا آهن ته جنهن کي رب رکي ان کي ڪير چکي، ڳوٺ عبدالغفور چانڊيو ويجهو ديوي ٻٻرن ۾ ھڪ ڏينهن جي تازي ڄاول ٻارڙي ھٿ اچڻ تي ڳوٺاڻي ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي

حاڪم علي چانڊيو ٻڌايو ته سندس گهر جي ڀرسان رستي تي بيٺل ديوي ٻٻرن مان پراسرار طور روئڻ جو آواز اچي رهيو ھو، جنهن تي ڳوٺاڻن ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل ھو ته ھتي جنن جو آواز اچي رھي آهي، پر مان الله تي آسرو ڪري ديوي ببرن ۾ لھي پيس جتي مون ڏٺو ته ھتي معصوم ٻارڙي پيل ھئي جيڪا روئي رهي هئي

هن چيو ته فوري طور تي ٻارڙي کي کڻي ڀرياروڊ جي مقامي ڪلينڪ تي پھچي ڊاڪٽرن کي ڏيڪاريو، ڊاڪٽر عبدالغفور ٻارڙي جو چيڪ اپ ڪري ٻارڙي کي تندرست قرار ڏنو، ٻارڙي کي پنهنجي ڀاءُ امير بخش چانڊيو جي حوالي ڪيو آهي جيڪو ھن سار سنڀال ڪندو

امير بخش چانڊيو چيو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته الله پاڪ مون کي ھڪ وڏي نيڪي جو ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏني ۽ مان ھن گلن جهڙي ٻارڙي کي پنهنجن ٻچن جيان پاليندس

ھي به پڙھندا

مٺي ويجهو تازو ڄاول ٻارڙو زنده حالت ۾ ھٿ