مٺي ويجهو تازو ڄاول ٻارڙو زنده حالت ۾ ھٿ

0
272

مٺي (ن پ ا) مٺي ويجهو هوٿيئر واري باءِ پاس وٽ وڻ مان تازو ڄاول ٻارڙو زنده حالت ۾ ھٿ آيو آهي، ٻارڙي کي نامعلوم ماڻھو وڻ ۾ ڦٽو ڪري ويا هئا جنهن کي ڏسي علائقي واسين مٺي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي ٻارڙي کي مٺي سول اسپتال پهچايو، جتي مٺي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ٻارڙي جي زنده هجڻ جي تصديق ڪئي ۽ ٻارڙي جو علاج جاري آهي، پوليس موجب وڻ مان مليل ٻارڙو ڪنهن ڪنواري جو پاپ لڳي ٿو، ٻارڙي جو علاج ڪرايون پيا، معاملي جي جاچ جاري آھي جاچ بعد پتو پئجي سگهندو ته ٻارڙو ڪنهن ۽ ڇو اڇلايو آھي.