گجرانوالا/لاهور/جيڪب آباد(م ڊ+رپورٽر) پرويز الاهي ڪرپشن جي ٻن ڪيسن مان بري ٿي ويو آهي پر پوليس کيس پنجاب اسيمبلي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ گرفتار ڪندي پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري راءِ ممتاز حسين کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه گجرانوالا جي عدالت پرويز الاهي کي ڪرپشن جي ٻنهي ڪيسن ۾ بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. گجرانوالا جي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ پرويز الاهي خلاف ڪرپشن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي  اينٽي ڪرپشن پوليس پاران پرويز الاهي جو جسماني رمانڊ ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي، جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو. اينٽي ڪرپشن ڪورٽ گجرانوالا جي ڊيوٽي مئجسٽريٽ محمد افضل فيصلو ٻڌائيندي پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن جي ٻن ڪيسن مان بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت فيصلي ۾ چيو ته پرويز الاهي کي پڪا ثبوت نه هجڻ ڪري بري ڪيو وڃي ٿو. گجرانوالا ٿاڻي تي پرويز الاهي خلاف ڪرپشن جا ٻه ڪيس داخل ٿيل هئا. پرويز الاهي تي گجرات ۾ روڊن جي اڏاوت ۾ ڪِڪ بيڪس وٺڻ جو الزام هو.  عدالت پاران پرويز الاهي کي بري ڪرڻ کان پوءِ پوليس کيس وري هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. اينٽي ڪرپشن پوليس پرويز الاهي کي اسيمبلي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب چوڌري پرويز الاهي تي اسيمبليءَ ۾ جعلي ڀرتيون ڪيون آهن. ان کان اڳ پنجاب پوليس چوڌري پرويز الاهي جي ترجمان اقبال چوڌري کي گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو، اقبال چوڌري کي گجرانوالا سيشن ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو، چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته مون کي ٿاڻي جي انتهائي خراب حصي ۾ رکيو ويو آهي، دوا نه ٿي ڏني وڃي، باٿ روم وڃڻ کان به روڪيو وڃي ٿو، جبل جيان ثابت قدم آهيان، پي ٽي آءِ وارا به ثابت قدم رهن. ٻيهر گرفتار ٿيڻ بعد پرويز الهي جي پٽ مونس الاهي چيو ته انتقامي ڪارروائي تحت ڪيس ڪيا ويا آهن، جن ۾ گرفتار ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن ساڳئي ڪيس ۾ راءِ ممتاز تي به الزام آهي، اينٽي ڪرپشن پوليس پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري راءِ ممتاز کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ترجمان موجب راءِ ممتاز به جعلي ڀرتين ۾ ملوث آهي. اينٽي ڪرپشن موجب پرويز الاهي اسيمبلي ۾ ڀرتين لاءِ جعلي ٽيسٽنگ ڪئي وئي، پنجاب اسيمبلي ۾ جعلي ڀرتيون ثابت ٿيون آهن، 17 گريڊ تائين جون 12 جعلي ڀرتيون ڪيون ويون.  ڀرتي ۾ گھپلن لاءِ جعلي ٽيسٽنگ سروس جون خدمتون ورتيون ويون. جعلي ڀرتين لاءِ رڪارڊ ۾ هيرڦير به ڪئي وئي.هوڏانهن پوليس پاران پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گھرن تي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي. ان ڏس ۾ جناح هائوس لاهور ۾ ڀڃ ڊاهه جي الزام هيٺ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم پي اي فرحت فاروق کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب فرحت فاروق ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملي ۾ ملوث هئي، ڪور ڪمانڊر جي وردي پائيندڙ جوابدار سان گڏ سيلفي ڪڍرائيندڙ شخص به گرفتار ڪيو ويو آهي، جي ايچ ڪيو تي حملي ۾ ملوث شرپسندن جي اڳواڻي ڪرڻ جي الزام ۾ پي ٽي آءِ راولپنڊي جو نائب صدر ميان عاطف محمود قريشي به گرفتار ٿي ويو آهي، پوليس موجب ميان عاطف محمود جي ايچ ڪيو تي حملي ۾ ڀرپور حصو ورتو، هن پيٽرول بم ٺاهي جي ايچ ڪيو جي گيٽ ڏانهن اڇلايا. راولپنڊي ۾ راجا بشارت جي گھر تي ڇاپو هنيو ويو. جڏهن ته جيڪب آباد ۾ حفيظ شيخ جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو ويو. نيب القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جا گرفتاري وارنٽ جيڪب آباد پوليس ڏانهن موڪلي ڇڏيا، پوليس جوابدار نه ملڻ تي وارنٽ واپس موڪلي ڇڏيا، نيب اسلام آباد القادر ٽرسٽ جي 190 ملين پائونڊ جي ڪرپشن ڪيس ۾ ناڻي کاتي جي اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جا گرفتاري وارنٽ جيڪب آباد پوليس ڏانهن موڪليا، ايئرپورٽ پوليس عبدالنبي شيخ روڊ تي اڳوڻي وفاقي وزير حفيظ شيخ جي گرفتاري لاءِ گهر پهچي وئي، گهر بند هئڻ سبب پوليس پاڙي وارن کان بيان رڪارڊ ڪري گرفتاري وارنٽ جوابدار نه ملڻ جو جواز ڄاڻائي واپس موڪلي ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او ايئرپورٽ ٻڌايو ته نيب پاران عبدالحفيظ شيخ جي گرفتاري جا وارنٽ آيا آهن، جنهن جي گرفتاري لاءِ سندس فيملي لائين پاڙي ۾ شيخ عبدالنبي روڊ تي قائم جڳهه تي وياسين ته گهر بند پيل هو، پاڙي وارن جا بيان رڪارڊ ڪيا، عبدالحفيظ شيخ رهندو ناهي، گهر بند پيل آهي، جنهن کانپوءِ وارنٽ واپس موڪلي ڇڏيا. ٻئي طرف لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ ياسمين راشد کي جناح هائوس حملي ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو. پوليس ياسمين راشد کي جناح هائوس حملي ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو هو ۽ جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي هئي. عدالت ياسمين راشد جي جسماني رمانڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ کيس ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن تحريڪ انصاف پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪوڙي ڪيس ۾ ياسمين راشد سميت پي ٽي آءِ جي هزارين ڪارڪنن کي 24 ڏينهن جيل ۾ رکڻ ۽ ميڊيا تي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪرڻ تي ڪنهن ڪنهن کي سزا ملندي؟ پي ٽي آءِ موجب ياسمين راشد ڪينسر جي مريض ۽ برزگ عورت آهي، جنهن سڄي زندگي ڊاڪٽر طور ماڻهن جون حياتيون بچائيندي گذاري ۽ وزير طور ڪورونا وبا دوران ڪروڙين زندگيون بچايون. ٻئي طرف عمران خان چيو ته فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته جناح هائوس حملي ۽ 9 مئي واقعن سان پي ٽي آءِ جو ڪو تعلق ناهي.