انقره (م ڊ) رجب طيب اردوان لاڳيتو ٽيون ڀيرو ترڪيه جي صدر جو حلف کڻي ورتو آهي. ترڪ ميڊيا موجب گرينڊ نيشنل اسيمبلي جي اسپيڪر طيب اردوان کان ترڪيه جي صدر جو حلف ورتو، حلف برداري جي تقريب ۾ 21 سربراهه ملڪن ۽ وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف سوڌو 13 وزيراعظم شريڪ ٿيا. ان موقعي تي ترڪ صدر طيب اردوان چيو ته آئين، قانون ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري ڪندس، پنهنجا فرض ۽ ذميواريون بهترين انداز ۾ انجام ڏيندس. ميڊيا موجب صدر اردوان اڄ رات پنهنجي ڪابينا جو اعلان ڪندو ۽ حلف برداري تقريب ۾ شريڪ مهمانن کي ڊنر ڏيندو.