ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب نوجوان صحافي عرفان پيرزادو فوت ٿي يو، وارثن موجب ڊاڪٽرن جي غفلت سبب نوجوان فوت ٿيو آهي، معاملي جي جاچ ڪرائي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ان حوالي سان پنهنجي اخبار پاران سندس ڀاءُ احمد نواز سان رابطو ڪيو ويو جنهن ٻڌايو ته منهنجي ننڍڙي ڀاءُ جو قتل ٿيو آهي، هو فوت ناهي ٿيو، اسان 302 جي ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين، وارڊ نمبر 16 جي چيف ڊاڪٽر لال رحمان ۽ غفلت ڪندڙ وارڊ جي سموري عملي خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين. نوجوان کي دماغ ۾ ڳوڙهي ٿيڻ سبب آپريشن لاءِ جناح اسپتال جي نيورو وارڊ نمبر 16 ۾ داخل ڪيوسين جنهن بعد ڊاڪٽرن جي غفلت مٿان غفلت سبب سندس 4 آپريشن ڪيا ويا، نون ڊاڪٽرن کي سيکارڻ جي چڪر ۾ نوجوان جي دماغ سان ڊاڪٽر کيڏندا رهيا. رات جي وقت مقرر عملو رات جو وڃي آرام پيو ڪري هڪ ڄڻو وارڊ ۾ ويٺل هو، پين ڪلر انجيڪشن لاءِ به کين منٿون ڪرڻيون پيون پون. آخر ۾ نوجوان کي ڪورونا ڄاڻائي ڪورونا واري وارڊ ۾ شفٽ ڪيو ويو ۽ وينٽيليٽر تان هٽايو ويو جنهن سبب نوجوان جو موت ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن تي سندس ڪورونا رپورٽ نيگيٽو آئي. واضح رهي ته نوجوان پونئيرن ۾ هڪ بيواهه، 2 ننڍڙا ٻار جن مان هڪ پڻ معذور آهي ڇڏيا. ڪراچي ۾ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿي ويل نوجوان صحافي عرفان پيرزادو جي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ صحافي دوستن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد سندس مڙهه آلين اکين سان اباڻي قبرستان سخي شاهه جمال ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.