ٺل/مبارڪپور (نمائندن وٽان) ٺل ۽ مبارڪپور ويجهو ارڙي تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا. خبر موجب مبارڪپور شھر جي شيخ محلا جي معصوم نينگر ناھد شيخ ۽ مهر محلا جي رھواسي محمد نواز مهر جي 3 سالا معصوم نياڻي مقدس مهر فوت ٿي يا، جڏهن ته علائقي ۾ ڪيترائي ٻارڙا بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ٻئي پاسي ٺل ڀرسان ڳوٺ وڪيل بنگلاڻي ۾ ٻن ورهين جو عبدالقادر بنگلاڻي ارڙي وگهي فوت ٿي ويو، هوڏانهن اطلاعن موجب ڪيترائي ٻارڙا وبائي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آھن.