اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس ۾ لنڊن جي ملڪيتن بابت سپريم ڪورٽ پاران پڇيل سوالن جا جواب لکت ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ آڏو جمع ڪرائي ڇڏيا، پنهنجي جواب ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ايف بي آر جي رپورٽ متعلق سوال ڪرڻ ضروري ناهن، ايف بي آر جي رپورٽ جو جواب ڏيڻ ان جي غيرقانوني رپورٽ کي مڃڻ برابر آهي، عدالت پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏيڻ صدارتي ريفرنس، ايف بي آر جي رپورٽ ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي کي تسليم ڪرڻ جي برابر آهي، جسٽس عمر عطا بنديال سان ملاقات دوران پنهنجي ڪيس بابت لفظ نه ڳالهايو، ان ملاقات بابت غلط فهميون ختم ڪرڻ چاهيان ٿو، ڪيس جي ڪري ڄاڻي واڻي رسيس دوران ججن جي چانهن پيئڻ واري ڪمري ۾ ۽ نجي محفلن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته جسٽس عمر عطا بنديال مون کي ماکيءَ جو تحفو موڪليو جيڪو مون واپس ڪيو هو، اها ماکي جيڪڏهن وٺان ها ته ان جو غلط تاثر پيدا ٿئي ها، مون ۽ منهنجي گهرواري ججن جي طرفان موڪليل دعوتنامن ۾ به شرڪت ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي هئي، مون جسٽس فيصل العرب جي الوداعي ريفرنس ۾ به شرڪت نه ڪئي، هن بينچ جي سمورن ججن سان بهترين پيشيوراڻو تعلق آهي ۽ رهندو. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خاندان وارن جو ڪيس سان تعلق ختم ٿي چڪو آهي، لنڊن جي ملڪيتن جي ذميواري سرينا عيسيٰ پنهنجي ڪلهن تي کڻي ڇڏي آهي، خوش قسمتي اها آهي ته هي ڪيس ڪرپشن جو ناهي، ڪالهه جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ نظرثاني وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي جيئن شروع ٿي ته بينچ جي ميمبر جج منيب اختر عدالت ۾ موجود سرينا عيسيٰ کوسو سان معذرت ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن ٻڌڻي دوران سوال پڇڻ دوران منهنجو جيڪو رويو هو اهو صحيح نه هو، ان تي معذرت ڪريان ٿو، مون کي لڳي ٿو ته منهنجي سوالن سان توهان کي رنج پهتو آهي، منهنجو مقصد اوهان جي دل آزاري ڪرڻ نه هو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مون جهڙي بزرگ ماڻهو کي مشڪل ڪم تي لڳايو ويو آهي، جنهن تي جسٽس منظور ملڪ مزاحيه انداز ۾ کيس چيو ته اوهان بزرگ ڪنهن کي چيو آهي جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته منهنجا وار اڇا ٿي ويا آهن، هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهيان، جنهن تي جسٽس منظور ملڪ کيس چيو ته وار اڇا ٿي وڃڻ يا ختم ٿي وڃڻ سان ڪو ئي پوڙهو يا سياڻو نه ٿيندو آهي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هي عدالت هر سائل سان هڪ جهڙو رويو رکندي آهي، سپريم ڪورٽ بار جي وڪيل حامدخان دليلن جو آغاز ڪيو، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هن عدالت ۾ بار بار اهو چيو وڃي ٿو ته منهنجي ڪري دير ٿي رهي آهي، وفاق بار ڪائونسل وارن وانگر لکت ۾ دليل جمع ڪري، جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته مان ايترو سمجهدار ناهيان جو لکت ۾ جمع ڪرايل دليلن تي يقين ڪري سگهان، جسٽس منظور ملڪ قاضي فائز عيسيٰ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ٿورو حوصلو رکندا ڪريو، ٻين جي ڳالهه ٻڌو، اوهان کي روزو آهي، ان ڪري پاڻي به پيئڻ لاءِ نه ٿو چئي سگهان، بار ڪائونسل جي وڪيل حامد خان دليل ڏيندي چيو ته عدالت پاران انڪم ٽيڪس جي اهلڪارن کي ڪارروائي لاءِ ٽائيم لائين ڏني جيڪا غيرقانوني آهي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ جيڪڏهن ريفرنس ختم ٿي وڃي ته پوءِ ڪائونسل غير فعال ٿي ويندي آهي، جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته ڪائونسل غير فعال نه هوندي آهي، ان کي معلومات هر وقت فراهم ڪري سگهجي ٿي، جسٽس منيب اختر چيو ته هن عدالت جي فيصلي ۾ ريفرنس جي بحالي جو ذڪر موجود ناهي، فيصلي ۾ صرف اهو چيو ويو هو ته ايف بي آر موجود مواد جو جائزو وٺي، وڪيل چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهروارن جي خلاف ڪو به ڪيس نه ٿو ٺهي سگهجي، سندس ٻار ۽ گهرواري ان جي ڪفالت هيٺ ناهن، جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته سپريم ڪورٽ ججن جي گهروارن متعلق پنهنجي آبزرويشن ڏئي چڪي آهي، آمدني کان وڌيڪ اثاثا جوڙڻ جو ڪيس صرف عوامي عهديدارن تي نه ٿو ٺهي سگهي، جوڊيشل ڪائونسل حاصل ٿيل معلومات مطابق ڪارراوئي ڪري سگهي ٿي، عدالتي فيصلي ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي آهي ته ان ۾ تصحيح ڪئي وڃي، يحيٰ آفريدي چيو ته هي هڪ حساس ڪيس هو، ان ڪري ايف بي آر کي ڊيڊ لائين ڏني، ڊيڊ لائين ڏيڻ ڪو غيرقانوني ڪم ناهي، ان دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بار بار مختصر دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي جسٽس منظور ملڪ کيس روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته اڄ پهرين ڏينهن سڪون سان ٻڌڻي ٿي رهي آهي، هن ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪو اهڙو ڏينهن نه هو جو بدمزگي نه ٿي هجي، ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ کان ڪجهه دير پهريان چيو ته هن بينچ ۾ ٻه مجاهد ويٺا آهن انهن جو مان شڪر گذار آهيان، جسٽس مقبول باقر ۽ جسٽس سجاد علي شاهه برو وقت ڏٺو آهي، بار ڪائونسل ۽ پي ايف يو جي جو شڪرگذآر آهيان ته انهن منهنجو ساٿ ڏنو، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي اڄ خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.