ڪراچي (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ زرغون روڊ تي سَرينا هوٽل جِي پارڪنگ ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، 2 اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ 4 پوليس اهلڪارن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪي سبب ڪيترين ئي گاڏين کي باهه لڳي وئي، واقعي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو، زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. زخمين ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو ڪوئيٽا اعجاز احمد، اسسٽنٽ ڪمشنر جعفرآباد بلال شبير پڻ شامل آهن. شروعاتي جاچ موجب پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي ۾ ڌماڪيدار مادو نصب هو، مادو 40 کان 50 ڪلو ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، ذريعن موجب ڌماڪو ايترو زوردار هو جو پري پري تائين آواز ٻڌو ويو، آءِ جي بلوچستان محمد طاهر راءِ تصديق ڪندي چيو ته ڌماڪو هوٽل جي پارڪنگ ۾ ٿيو، سي ٽي ڊي ڌماڪي واري هنڌ کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي، ڊي آءِ جي ڪوئيٽا چيو آهي ته هوٽل ۾ ڪو به غيرملڪي سفير يا وفد موجود نه هو، ڌماڪي سان 5-6 گاڏين کي نقصان پهتو آهي. وزيراعليٰ بلوچستان ڄام ڪمال جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز کي فول پروف قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، گهرو وزير بلوچستان مير ظفرالله لانگو ڌماڪي جي تصديق ڪندي چيو ته ڌماڪيدار مادو هڪ گاڏي ۾ نصب هو، اڃا تائين مارجي ويلن جي سڃاڻپ ناهي ٿي، چيني سفير ڌماڪي وقت هوٽل ۾ نه پر ڪوئيٽا ڪلب ۾ هو. سول اسپتال جي ترجمان ڊاڪٽر وسيم بيگ موجب مارجي ويلن ۾ سرينا هوٽل جا گارڊز شامل آهن. سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر ربابه بليدي چيو آهي ته ڌماڪي بعد اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته گهرو وزارت بلوچستان حڪومت سان رابطي ۾ آهي جيئن ئي ڌماڪي جي نوعيت ۽ نقصان جو تعين ٿيو ته حڪومت تفصيل جاري ڪندي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڌماڪي ۾ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، شيخ رشيد چيو آهي ته، چيني سفير ڌماڪي وقت هوٽل ۾ موجود نه هو، ملڪ دشمن عنصر امن تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، دهشتگرد پنهنجَي انجام تي پهچندا، واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي ويندي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته شرپسند ۽ ملڪ دشمن عنصر ڪڏهن به پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيندا، پوري قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي، جڏهن ته ڌماڪو اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن چيني سفير ڪوئيٽا ۾ موجود آهي، جيڪو پڻ ان هوٽل ۾ ترسيل هو پر ڌماڪي وقت اهو اتي موجود نه هو، سرينا هوٽل ڪوئيٽا جي هاءِ سيڪيورٽي زون ۾ واقع آهي جنهن سامهون ڪوئيٽا ڪينٽومينٽ، بلوچستان اسيمبلي ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ واقع آهي، ڪجهه سال اڳ ساڳئي علائقي ۾ آءِ جي ايف سي جي رهائشگاهه کي به نشانو بڻايو ويو هو.