ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ چوٽ چڙهيل مهانگائي جو ذميوار عمران خان ۽ پي ٽي آءِ حڪومت آهي، نااهل وزيراعظم دنيا جا مثال ڏيڻ بدران اهو ٻڌائي ته سندس حڪومت عوام کي هن وقت تائين ڇا ڏنو آهي؟ موجوده ٿنڪ ٽينڪس جي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته معيشت سخت سست روي جو شڪار آهي، دنيا آڏو ڪستو کڻي گھمندڙ وزيراعظم عوام کي رليف نه پر رسوائي ( بدنامي) ڏني، عمران خان ضد ڇڏي عوام تي رحم کائي استعيفا ڏئي گھر هليو وڃي. هن چيو ته رمضان جي شروعات ۾ ئي گيهه، اٽي، دالين ۽ گوشت سميت عام واهپي جي 16 شين جي قيمتن ۾ واڌ پي ٽي آءِ حڪومت جي نااهلي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان ملڪ ۾ مهانگائي ڪندڙ مافيا جي سرپرستي ڪري عوام دشمني ڪري رهيو آهي، عمران خان طرفان رمضان ۾ هر شيءَ جي نگراني جي اعلان کانپوءِ مهانگائي ۾ خوفناڪ حد تائين واڌ ٿي وئي آهي، سيليڪٽيڊ حڪومت عوام کي ديوار سان لڳائڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي. بلاول ڀٽو وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته هن ملڪ ۽ ان جي مسئلن جو حل اوهان جي وس جي ڳالهه ناهي، اوهان جنهن رمضان پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، اهو ڪٿي به نظر نه پيو اچي، يوٽلٽي اسٽورز کي سبسڊي ڏيڻ سان حڪومت جي ذميواري ختم ناهي ٿي، اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، انتظاميا طرفان لڳايل بچت بازارن ۾ وري اوپن مارڪيٽ کان به مهانگي اگهه تي شيون وڪرو ٿي رهيون آهن، عام ماڻهو وٽ ايتري رقم ناهي جو هو هڪ ڏينهن جو سيڌو ۽ فروٽ وٺي سگھي. هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ قرضن ۾ وجھي مافيائن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، خزاني واري وزير جي تبديلي سان عوام جي تڪليفن ۾ گھٽتائي نٿي اچي سگھي، عوام کي اصل رليف تڏهن ملندو جڏهن مهانگائي جا ذميوار نااهل حڪمران گھر ويندا.