ڄامشورو/سن (نمائندن وٽان) جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 26هين ورسي اڄ سن ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، ڪورونا ۽ رمضان جي مهيني سبب سياسي جلسا ملتوي ڪيا ويا آهن، جسقم بشير قريشي گروپ طرفان رمضان مهيني بعد ڊويزن سطع تي سيد جي 26ورسي جون تقريبون رٿيل آهن، جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو جي طرفان سيد جي ورسي جو جلسو ڪرڻ جواعلان ڪيو ويو آهي، اڄ جسقم چيئرمين صنعان قريشي، رياض چانڊيو، نوازخان زنئور، اسلم خيرپوري، سورهيه سنڌي، سوڀ قمر ڀٽي ۽ ٻيا ريلين جي صورت ۾ سن پهچي مزارجي ايم سيد تي حاضري ڀريندا. ٻي طرف جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سائين جي ايم سيد جي فڪر جي تعليمات کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، رمضان کان پوءِ ڊويزن سطح تي سائين جي ايم سيد جي ورسي جا جلسا ڪيا ويندا، اڄ جيئمسٽ ڪائونسل جو اجلاس ٿيندو، جنهن کان پوءِ سيد جي مزار تي حاضري ڀري ويندي.