اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسسٽنٽ ڪمشنر اسلام ڪوٽ سميع الله سنجراڻيءَ پاران واپارين تي ڏنڊ وجهڻ خلاف شٽر بند هڙتال ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. واپاري ايسوسيشن جي سڏ تي شهر جي مڪمل شٽربند هڙتال ڪري ڪلديپ پارواڻيءَ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. بعد ۾ واپارين اسلام ڪوٽ مٺي ۽ باءِ پاس تي ٽائر ساڙي هڪ ڪلاڪ تائين نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڪيتريون ئي ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون. بعد ۾ ايس ايچ او اسلام ڪوٽ عبدالرزاق جمالي پهچي واپارين سان ڳالهيون ڪيون. ساڳئي وقت پ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي به واپاري اڳواڻ سان فون تي ڳالھه ٻول ڪئي جنهن بعد واپارين احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو، انهي موقعي تي واپارين الزام هڻندي چيو ته اسسٽنثٽ ڪمشنر سميع الله سنجراڻي پهرين ڏينهن کان مختلف طريقن سان واپارين کي تنگ ڪري رهيو آهي. سنڌ سرڪار جي جاري ڪيل ايس او پيز تحت جيڪو ڪاروبار کولڻ جي اجازت مليل آهي، اهي دڪان کولڻ به نٿا ڏنا وڃن. گذريل ڏينهن هول سيل جي دڪانن تي بنا جواز ڏنڊ وڌو ويو، زبردستي دڪان بند ڪرايا ويا ۽ دڪاندارن جي تذليل ڪئي ويئي. اهڙي عمل خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي. رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر سميع الله سنجراڻي ٻڌايو ته واپاري ايس او پيز تي عمل نه ڪري رهيا هئا، تنهن ڪري مٿن ڏنڊ وڌو ويو آهي.