لاهور (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ(نواز) جي اڳواڻ جاويد لطيف کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل  اماڻيو ويو. مسلم ليگ(نواز) جي اڳواڻ جاويد لطيف جو رمانڊ ختم ٿيڻ تي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ليگي اڳواڻ خلاف بغاوت واري ڪيس تي ٻڌڻي ماڊل ٽائون ڪچهري ۾ ٿي. عدالت جاويد لطيف کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ جاويد لطيف کي 26 مئي تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي حڪم کان پوءِ مسلم ليگ(نواز) جي اڳواڻ جاويد لطيف کي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو. ان کان اڳ جاويد لطيف کي سخت سيڪيورٽي ۾ بڪتر بند گاڏي ۾ عدالت آندو ويو. عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي (نواز) ليگي ڪارڪنن طرفان پنهنجي اڳواڻ جو استقبال ڪيو ويو، گاڏي تي گل نڇاور ڪيا ۽ نعرا هنيا، عدالت ۾ پيشي دوران جاويد لطيف چيو ته عدالت کان پڇان ٿو ته منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ پنجاب جي ماڻهن کي غدار قرار ڏنو پيو وڃي. اسان کي ڳالهائڻ تي غدار چيو ويندو آهي. اسان کي پنهنجي گهر کي صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي.