اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ايئرپورٽ تي کوجي ڪتا ڪورونا مريضن ي نشاندهي ڪندا، ڪورونا مريضن جي نشاندهي لاءِ کوجي ڪتن کي مقرر ڪرڻ جي اين سي او سي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن بعد ڪورونا مريضن جي نشاندهي لاءِ اسلام آباد ايئر پورٽ تي مقرر ڪيل هنڌن جو آرمي ڪينائن سينٽر جي اهلڪارن دورو ڪيو. انهن سان گڏ صحت کاتي جا عملدار به گڏ هيا، آرمي ڪينائن سينٽر تي تربيت حاصل ڪندڙ ڪتن کي ايئرپورٽ تي مقرر ڪري ڪورونا وائرس جي مريضن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي، ڪورونا مريضن جي سڃاڻپ لاءِ ڪتن جي خاص تربيت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان کان اڳ متحده عرب امارات ايئرپورٽ تي ڪورونا مريضن جي سڃاڻپ لاءِ ڪتن کي مقرر ڪيو هو.