اسلام آباد (م ڊ) راولپنڊي سان جهيڙو آهي يا ٺاهه ٿي ويو؟ محمد زبير کانپوءِ شاهد خاقان عباسي به ٺاهه جي ڳالهه ڪري ڇڏي، نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته فوج سان اسان جي ويڙهه ئي نه هئي، ته پوءِٺاهه ڇا جو؟ اسان جي ته ويڙهه ئي نه هئي. هن چيو ته نه ڪا سياسي پارٽي فوج سان ويڙهه ڪري سگهي ٿي نه ئي فوج ڪنهن سياسي پارٽي سان ويڙهه ڪري سگهي ٿي، اسان صرف اهو چئون ٿا ته ملڪ آئين موجب هلڻ گهرجي، پر نه هلي رهيو آهي، جيڪڏهن اها ويڙهه آهي ته پوءِ اسان جي ويڙهه جاري آهي.