بون(م ڊ) آمريڪا ۾ پوليس اهلڪار هٿان مارجي ويل ڪاري رنگ جي شهري جارج فلائڊ کي مارڻ جي وڊيو ڀريندڙ آمريڪي ناري ڊارنيلا فرازئير کي صحافت جو اعليٰ ترين ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهو اعلان جرنلزم پرائز بورڊ ڪيو آهي. پولٽرز پرائز بورڊ موجب فلم ڀرڻ وقت فرازئير جي عمر 17 سال هئي ۽ هن انتهائي بهادري سان جارج فلائڊ جي قتل جي رڪارڊنگ ڪئي، هڪ وڊيو جنهن سڄي دنيا ۾ پوليس جي ظلم کي وائکو ڪيو ۽ سچ ۽ انصاف لاءِ عام شهرين جي بطور صحافي هڪ ڪردار جي اهميت کي اجاڳر ڪيو. اها وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سڄي آمريڪا ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ بليڪ لائيوز ميٽر تحريڪ به هلي.