ريتي (ن پ ا ) گهوٽڪي پوليس نوجوان کي مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ريتي جي ڳوٺ مصري چاچڙ واسي 11 ڪلاس جو شاگرد اڪبر علي چاچڙ 16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويو هو، ان کي پوليس مقابلي دوران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري آهي. رائونتي پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران نوجوان کي رائونتي ڪچي مان بازياب ڪرائي ورتو آهي. خانپور مهر واسي محمد شعبان ملڪ، خير محمد ملڪ ۽ سرحد واسي عبدالوحيد بازياب ناهن ٿي سگهيا. پوليس دعويٰ ڪندي چيو ته راحب شر جي مٿان چڙهائي ڪئي آهي، پر ذريعن موجب پوليس راحب شر جي چاچن جي گهرن مٿان چڙهائي ڪئي. ٻي پاسي ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته ٻه ڏينهن اڳ پوليس شر برادري جي پنج عورتن کي کڻي وئي هئي، جڏھن ته پوليس عورتون کنڀي اچڻ واري الزام رد ڪري ڇڏيو آھي.