جاتي(ن پ ا)جاتي لڳ ڳوٺ عرس ٽيمڙو جو گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون هجڻ سب ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، جنهن سبب ٻه معصوم شاگرد مقصود ٽيمڙو ۽ احسان ٽيمڙو سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ بعد به اسڪول جو تدريسي عمل جاري رکيو. جڏهن ته ان موقعي اسڪول جي هيڊماستر رحيم بخش ٽيمڙو ڳوٺاڻن امام ڏنو ٽيمڙو،حاجي احمد ٽيمڙو ۽ محمد جمن ٽيمڙو جي اڳواڻي شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي اسڪول هيڊماستر ۽ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ عرس ٽيمڙو جي اسڪول بلڊنگ 1983ع ۾ تيار ٿي آهي جنهن بعد ڪڏهن به مرمت نه ٿي آهي جنهن ڪري اسڪول بلڊنگ مڪمل زبون ٿي چڪي اسڪول جي ڇت مان ڇاپڙ ڪرڻ سبب شاگردن جو زخمي ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي هنن چيو اسان اعليٰ آفيسيرن کي ڪيترائي ڀيرا لکيو به ڪيترائي ڀيرا ٽيمون وزٽ ڪري ويون آهن پر ڪو به کڙ تيل نٿو نڪري هنن چيو ته اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن جو جاني نقسان ٿيو ته ان جا زميوار لاڳاپيل آفيسر هوندا اسان وٽ ٻي ڪا جڳعه به ڪونهي جو اسان اتي ٻارن کي تعليم ڏياري سگهون هنن حڪومت سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته اسڪول جي نئي عمارت تعمير ڪرائي ڏني ته جيئن ڳوٺ جا سوين ٻار بغير خوف جي تعليم حاصل ڪري سگهن.