ڪوٽڙي (رپورٽري) ڪوٽڙي ۾ شھري ايڪشن ڪميٽي پاران شھر جي بنيادي مسئلن، گندگي، برسات جي بيٺل پاڻي،  منشيات جي وڪري، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ۽ ٻين مسئلن جي حل لاء اسٽيشن روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي المدينا چوڪ تي ڌرڻو ھڻي نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ديداي شام، شبير ساند، مقصود جھتيال، شبير ٻنگ ۽ ٻين چيو ته شھر ۾ منشيات سرعام وڪرو ٿي رھي آھي پر افسوس ٿه اسان جي پوليس ھنن خلاف ڪاروائي نه ٿي ڪري، جڏھن ته منشيات سبب ايندڙ نوجوان نسل تباه ٿي رھيو آھي. هنن جو چوڻ هيو ته سڄو شھر اٿليل گٽرن جي گندي پاڻي ھيٺ  اچي ويو آھي جڏھن ته سي ايم او عمران گھمرو پـنھنجا پرائيوٽ ماڻهو رکي پگھارن جي نالي تي لکين روپين جي ڪرپشن ڪري رھيو آھي، هن ميونسپل عملي جون پگھارون روڪي چڏيو آھن ٻئي پاسي مينهن متاثر ماڻهو بي يارو مددگار آھن، وس وارا ھنن جي ڪا به مدد نٿا ڪن، انتظاميا لکين روپيا کائي وئي آھـي. ھنن مطالبو ڪندي چيو ته شھر ۾  منشيات بند ڪرائي شھر ۾ سفائي سٿرائي جو نظام بھتر ڪيو وڃي ۽ مينهن متاثرن جي مدد ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.