شڪارپور(رپورٽر) ساڍا ٽي مھينا اڳ ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ ڏوھارين خلاف  ڪيل آپريشن دوران شھيد ٿيندڙ ٻن پوليس اھلڪارن ۽ ھڪ نجي فوٽو گرافر کي شھيد ڪرڻ بعد ڏوھارين جي سرپرستي جي الزام ۾ گرفتار ڪرڻ بعد ضمانت تي آزاد ٿي ويل تيغو خان تيغاڻي نائون ڀيرو شڪارپور جي دھشتگردي ٽوڙ  حيدر علي ابڙو  جي عدالت ۾ پيش ٿيو،وڪيلن جي اسٽرائيڪ سبب جيڪو ڪيس آھي ھلي نه سگهيو، عدالت ڪيس جي ٻي ٻڌڻي 11 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رھي ته پوليس اھلڪارن جي قتل ڪيس ۾ سردار تيغو خان ڌاڙيلن جو سرپرست ۽ سھولتڪار طور جوابدار نامزد ٿيل آهي، تيغو خان تيغاڻي 63 ڏينهن جيل ۾ رھڻ بعد ضمانت تي آزاد ٿيل آهي.