ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ويجھو ڪي ڊي اي واهه ۾ ٻڏي ويل عورت جو لاش 36 ڪلاڪن بعد واهه مان هٿ، لاش جي گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. درگاهه ستيون لڳ ڪي ڊي اي موري ڀرسان ڳوٺ عثمان لاکو واسڻ گلبانو زال راڻو ملاح گذريل ڏهاڙي ڪي ڊي اي واهه ۾ پاڻي ڀريندي پير ترڪڻ سبب ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي ھئي، جنھن جي لاش کي ڳولڻ لاءِ مقامي ٽوٻن جي لاڳيتي 30 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ڪي ڊي اي واھ مان ڪڍي وارثن حوالي ڪيو، عورت جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. جڏهن ته عورت جي مڙهه کي ڳوٺ ڀرسان قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي ۾ مقامي ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.