تيزاب حملي جي متاثر ناري کي نيٺ 6 سالن بعد انصاف ملي ويو، جوابدار اھلڪار کي جنم ٽيپ

0
362
تيزاب حملي جي متاثر ناري کي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سيشن جج جي عدالت 6 سالن بعد تيزاب حملي ڪيس جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، عدالت اڳوڻي مڱينديءَ تي تيزاب حملو ڪندڙ اهلڪار ذيشان کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي، 10 لک رپيا ڏنڊ جي پڻ سزا ڏني وئي آھي

عدالت جو فيصلو اچڻ تي متاثر ناري جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا، پوليس جو چوڻ آھي تھ شادي کان انڪار تي جوابدار ناري راحيلا، ان جي ڀاءُ ۽ ڀائٽي تي تيزاب حملو ڪيو هو

ھي به پڙھندا

مشال خان کي تيزاب سان حملي جي ڌمڪي