دادو ڀرسان غربت ۽ بيروزگاري  کان تنگ ٻن نوجوانن مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

0
158
باڊهه ويجهو نوجوان ناري جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ
باڊهه ويجهو نوجوان ناري جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ

دادو(ن پ ا) دادو ڀرسان مبينا غربت ۽ بيروزگاري  کان تنگ ٻن نوجوانن مبينا طور تي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي،  جهلو واري علائقي ۾ 36 ورهين  جي عبدالڪريم ڇڄڙو ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو، جڏهن ته ڳوٺ جاڙو سولنگي ۾ جاويد سولنگي  جو به ڦاهو ڏنل لاش هٿ آيو آهي، جنهن جي وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو

واقعن جي اطلاع تي پوليس ته پهتي پر نوجوانن جا لاش پوسٽ مارٽم  لاءِ اسپتال منتقل نه ڪيا ۽ اهلڪار ڪاغذي ڪارروائي ڪري واپس موٽي ويا

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻئي نوجوان غربت ۽ بيروزگاري سبب پريشان رهندا هئا، هنن جو انتهائي قدم کڻڻ  جو سبب ئي اهو آهي