اسلام آباد (م ڊ) توانائي جي وزير لوڊشيڊنگ  ختم نه ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، توانائي جي وزير خرم دستگير چيو آهي ته لوڊشيڊنگ ڪجهه ڏينهن ۾ گهٽ ٿيندي پر ختم ٿيڻ جو امڪان نه آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته ڪوئلي جو بحران آهي، ٻارڻ جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي، توانائي بحران تي ضابطو آڻينداسين. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير اعلان ڪيو آهي ته پنجاب ۾ عوام کي سستو اٽو ملندو.