ڪراچي: تعليم کاتي ۾ انڌير نگري، ناڻي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري سهيل راجپوت جي ڀيڻ وٽ ٽن کان وڌيڪ عهدا، ڊي اِي او ويسٽ تحسين فاطمه کي سيڪريٽري تعليم پاران ڊائريڪٽر واري عهدي جي اضافي چارج ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته تعليم کاتي ۾ آءِ ٽي شعبي جي ڊائريڪٽر ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري جون پوسٽون به مقرري وارو آرڊر نه ٿيڻ باوجود ڄاڻايل ڊي اِي او ويسٽ سنڀالي رهي آهي. ايڊيشنل سيڪريٽري جي آفيس کيس وهنوار هلائڻ لاءِ ڏني وئي آهي. اهڙي طرح معلوم ٿيو آهي ته تحسين فاطمه کي ڄاڻايل ٽنهي عهدن جون مراعتون ۽ پيٽرول سميت ٻيون سموريون سهوليتون ڏنيون پيون وڃن.