ڪراچي: تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ بحالي وارا کاتا مستقل سيڪريٽريز کان محروم آهن، مائينز اينڊ منرل کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل واري عهدي تي به ڪوآپريٽو کاتي جو سيڪريٽري اضافي چارج تي ويٺل آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ڪيترائي ڀيرا معاملو رپورٽ ٿيڻ باوجود سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران تعليم کاتي جي سيڪريٽري واري عهدي جي 20هين گريڊ جي ڪاموري احمد بخش ناريجو کان اضافي چارج واپس ناهي ورتي وئي. اهڙي طرح سيپرا جي ايم ڊي رياض سومرو وٽ بحالي واري کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي چارج آهي، معدني وسيلن واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل واري پوسٽ تي ڪوآپريٽو کاتي جو سيڪريٽري اختر عنايت ڀرڳڙي اضافي چارج طور ويٺل آهي.