اسلام آباد/سکر (بيورو رپورٽ) تربيلا ڊيم مڪمل طور تي ڀرجي ويو، جنهن کان پوءِ  زرعي مقصدن لاءِ تربيلا مان 74 هزار ڪيوسڪ جو اضافو ڪندي پاڻي جي فراهمي هڪ لک 65 هزار ڪيوسڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ارسا ترجمان تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته تربيلا مڪمل طور تي ڪالهه ڀرجي ويو آهي، تربيلا ۾ 1550 فوٽ پاڻي ڀرڻ جي اهليت آهي، زرعي مقصدن لاءِ پاڻي ڇوڙ هڪ لک 65 هزار ڪيوسڪس ڪيو ويو آهي، هن چيو ته خريف سيزن ۾ آگسٽ تائين هر سال تربيلا ڊيم ڀرجي ويندو آهي، جڏهن ته ارسا پاران جاري ڪيل پاڻي وهڪرن بابت تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دريائن ۾ پاڻي جي آمد ڪالهه 2 لک 7 هزار 600 ڪيوسڪ رهي، ڇوڙ هڪ لک 94 هزار 200 ڪيوسڪس رهيو، گڊو بيراج جو مٿيون وهڪرو هڪ لک 19 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو 90 هزار 700 ڪيوسڪ، سکر بيراج جو مٿيون وهڪرو 75 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو 28 هزار 200 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بيراج جو مٿيون وهڪرو 26 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو صرف 400 ڪيوسڪ رهيو، جڏهن ته ڪالهه به تڪراري سي جي لنڪ ڪينال کي 10 هزار ڪيوسڪ، ٽي پي لنڪ ڪينال کي 5 هزار 235 ڪيوسڪس پاڻي جي فراهمي جو عمل جاري رهيو. ٻي پاسي منگلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرن مان کڻت جاري آهي ۽ ذخيرا گهٽجي 1198.05 فوٽن جي سطح تائين لهي آيا آهن.  منگلا ۾ پاڻي آمد 18338 ۽ کڻت 38000 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي. هوڏانهن سکر ۽ گڊو بيراجن وٽ پاڻي کوٽ ۾ معمولي بهتري آئي. ڪالهه گڊو بيراج وٽ 28 سيڪڙو مان کوٽ گهٽجي 20 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. سکر بيراج وٽ پاڻي کوٽ 21.75 سيڪڙو تائين رهي جيڪا 48 ڪلاڪ اڳ 30 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ هئي. ڪوٽڙي بيراج وٽ ڪالهه کان پاڻي کوٽ شروع ٿي وئي آهي جيڪا 3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. مجموعي طور سنڌ جي ٽنهي بيراجن وٽ پاڻي کوٽ 16.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. سنڌ جي واهن ۾ پاڻي گهرج هڪ 9200 آهي پر ڪالهه فراهمي 91086 ڪيوسڪ ڪئي وئي. تازين برساتن بعد سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ پاڻي کوٽ گهٽجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو وڃي ٿو.