ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) تعليم کاتي جي اختيارين پاران اقرا يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 253 استادن کي پڪو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو،  25 مارچ 2013ع تي اقرا يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ پرائمري ۽ جونيئر اسڪول ٽيچرز کي پڪو ڪرڻ لاءِ لسٽون تيار، فائنل اسڪروٽني بعد استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويندا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي تعليم کاتي جي اختيارين 8 سال اڳ اقراءَ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل سمورن ضلعن جي 253 استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ لسٽون تيار ڪيون ويون آهن، سمورن ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن (ڊي اِي اوز ) پاران پنهنجن پنهنجن ضلعن جو لسٽون سيڪريٽري تعليم ڏانهن اماڻيون ويون آهن. ذريعن موجب بدين جي 48، ڄامشوري جي 3، مٽياري، ٽنڊي الهيار ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي هڪ_هڪ، سجاول ۽ سکر ضلعن جي 12_12، ٽنڊي محمد خان جي 5، ٺٽي جي11، ڪراچي ايسٽ، دادو ۽ سانگھڙ جي 2، عمرڪوٽ جي 6، نوشهري فيروز جي 68،  نوابشاهه جي 4، قمبر جي 15 ۽ شڪارپور جي 10، گهوٽڪي جي 8، خيرپور جي 42 استادن کي پڪو ڪيو ويندو. ٻئي طرف تعليم کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل استادن جي حتمي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بعد کين پڪو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. جڏهن ته 25 مارچ 2013ع کان اڳ اقراء يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، بدين، ميرپورخاص، سانگھڙ ۽ گھوٽڪي سميت ٻين مختلف ضلعن جي 147 پي ايس ٽي، جي ايس ٽي ۽ ايچ ايس ٽيز کي پڪو ڪرڻ وارو معاملو سروسز کاتي جي اختيارين ڏانهن اماڻيو ويو آهي.