ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) متحده  جي ايم پي ايز  سنڌ حڪومت پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي باءِ پاس ڪري 17، 18 ۽ ان کان مٿي جي گريڊ وارين پوسٽن تي ڀرتين  ڪرڻ خلاف  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ايم پي اي ڪنور نويد جميل، محمد حسين ۽ ٻين درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، ڪميشن جي معطلي باوجود سنڌ حڪومت ڪميشن ذريعي ڀرتي ٿيندڙ پوسٽن تي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيون ڪري رهي آهي، جيڪو عمل توهين عدالت آهي. ٻئي طرف متحده ايم پي اي ڪنور نويد جميل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار لاڳيتو غيرقانوني ڪم پئي ڪري، هنن چيوته  سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي معطل ڪرڻ سان گڏ ڪميشن جا رولز به ختم ڪري ڇڏيا آهن، ڪميشن جي معطلي دوران سنڌ سرڪار  پاران آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ اشتهار نه ڏيڻ گهرجي ها.